لنڊن (م ڊ) برطانوي پوليس لنڊن ۾ فلسطين جي حق ۾ ٿيل وڏي احتجاجي مظاهري دوران 890 ماڻهن جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي، پوليس موجب مظاهري ۾ شامل ماڻهن فلسطين ايڪشن نالي تنظيم تي عائد پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته هزارين ماڻهن طرفان پارليامينٽ اسڪوائر تائين ريلي پڻ ڪڍي وئي، پوليس موجب گرفتار ٿيل ماڻهن مان 857 کي ”فلسطين ايڪشن“ جي حمايت ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته 33 ٻين کي مختلف الزامن تحت حراست ۾ ورتو ويو، جن مان 17 کي پوليس اهلڪارن تي حملي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، پوليس مظاهري کان اڳ ئي خبردار ڪيو هو ته جيڪو به شخص هن تنظيم جي حمايت ڪندو، ان کي گرفتار ڪيو ويندو.