سيد زين شاهه تي ڪيسن خلاف ايس يو پي پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران پارٽي جي صدر سيد زين شاھه تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون مرڪزي نائب صدر روشن علي ٻرڙو، مختيار ميمڻ، رمضان ٻرڙو، رسول بخش لغاري، رسول بخش بخش ٿيٻو، عنايت ٿيٻو، حميرا آريسر، عاصمه شاھه، غفار چانڊيو ۽ سميع چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام پاران پنهنجي حقن جي حاصلات ۽ وسيلن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ ڪيل جدوجهد جي ڪري سنڌ حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي، پ پ سرڪار پنهنجون ڪوتاهيون ۽ ناڪاميون لڪائڻ لاءِ مخالفن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ته جيئن سنڌ جي عوام جي نمائندگي ڪندڙ ڌريون خوف کائي ويهي رهن ۽ آواز نه اٿارين. پر سيد زين شاهه سميت سنڌ جا هزارين قومي ڪارڪن ڪڏهن به خاموشي اختيار نه ڪندا ۽ نه ئي زمينن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ ٿيڻ ڏيندا. هنن چيو ته مورو واسين کي انصاف ڏيارڻ ۽ سنڌ جي حقن جي حاصلات تائين اسان جي پرامن جدوجهد جاري رهندي،سيد زين شاھه تي داخل ڪوڙن ڪيسن جي جاچ عدالتي ڪميشن کان ڪرائي ڪيس داخل ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.ٽنڊوآدم ۾ ڪامريڊ محمد خان پنهور، شفيع محمد ساند، گل حسن لاکو، راجا خان ملوکاڻي،  امداد چانڊيو، قيوم پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ محمدي چوڪ کان ريلي بڊاڻي ۾ سيد دانش شاهه ،مظھر حسين چاچڙ، سيد اسد شاه، بهادر ڀٽو، عبدالرشيد ڀٽو، شعيب ڀٽو ،ڪنري ۾  محمد رمضان جوڻيجو، پير بخش گشڪوري،عبدالمالڪ چانڊيو، جيئي سنڌ جي امتياز چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ عمران لغاري،امتيازنوناري، اڪبرخاصخيلي،منيرسنڌي، حسيب ڪولاچي، شعيب سنڌي، سٽي اڳواڻ مختيارخاصخيلي گهاري ۾  اعجاز شيخ ۽ ڪامريڊ يعقوب ناهيو جي اڳواڻي ۾ ڀرياروڊ ۾ ذوالقرنين پٺاڻ ،عامر لھراڻي، اجمل ڪيريو، سليمان سنڌي، اختيار چنا، جنسار ڪيريو، صدام لاکو ،ميهڙ ۾  سڪندر سوڍر ، حاجي خان معارفاڻي ، مجيد سوڍر ، زوھيب جتوئي ، امجد سولنگي ، انور ، منير سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس ھاء وي تي مظاھرو شهدادڪوٽ ۾ آصف مگسي، رميز تونيو، فياض مگسي، الھداد خشڪ،اختيار جمالي، حمل خشڪ، مظھر کھاوڙ الطاف سومرو، وڪيل منظور احمد سيلرو اويس خشڪ ،سڪندر خشڪ، حميد مگسي، فياض ميرجت، فھد جوڻيجو، سراج ڪارڙو، ذوالفقار سيلرو، اڪبر ڀٽي، لياقت جوڻيجو ،غفار ڀٽي، ددا بليدي، وزير چانڊيو، اظھر سومرو ملير ۾   ڊاڪٽر علي نواز گبول، رضا علي سنديلو. شبير ڏيرو، شيراز سولنگي، محبوب کوسو ،صابر علي گبول،جسم جي فيض سنڌي. جساف شهيد  بشير خان قريشي جي  وهاب گبول جي اڳواڻي ۾ ڪنڌڪوٽ ۾ ظريت بجاراڻي.شاهنواز مرهيٽو.غلام مصطفيٰ ميراڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.ٺارو شاهه ۽ ڪوٽڙي ۾ به مظاهراٿيا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.