سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن سان گڏ بيٺل آهي:ترجمان

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته سنڌ حڪومت  ٻوڏ متاثر عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ کين هر ممڪن رليف فراهم ڪري رهي آهي، سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي سموريون ضلعي انتظاميا فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ متاثرين کي سهولتون ڏيڻ لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيون آهن.هڪ بيان ۾ هن چيو ته ڪابينه جا سمورا ميمبر، نامزد فوڪل پرسنز ۽ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر پڻ فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ انتظامن جي پاڻ نگراني ڪري رهيا آهن. صوبي جي 15 ضلعن جي 167 يونين ڪائونسلن مان  هينئر تائين 1 لک 28 هزار 57 ماڻھن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 6 هزار 288 ماڻھن کي منتقل ڪيو ويو. هن موجب سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل 154 فڪسڊ ۽ موبائل هيلٿ ڪيمپن ۾ مجموعي طور تي 39 هزار 576 متاثرن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون، جن مان 5 هزار 772 ماڻھن جو علاج صرف گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪيو ويو.هن ٻڌايو ته چوپائي مال جي حفاظت لاءِ پڻ انتظام ڪيا ويا آهن. گذريل هڪ ڏينهن ۾ 9 هزار 384  چوپائي مال کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.