لاهور/بهاولپور(م ڊ) ڀارت طرفان ُ ستلج درياءُ ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏڻ بعد پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، جڏهن ته ٻوڏ سنڌ ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ سنڌ ۾ داخل ٿي ويندي. ڀارتي هاءِ ڪميشن طرفان پاڪستان کي اطلاع ڏنو ويو ته ستلج درياءَ جي ٻن هنڌن تي انتهائي اوچي سطح جي ٻوڏ جو امڪان آهي، جنهن بعد پاڪستان جي آبي وسيلن واري وزارت لاڳاپيل ادارن کي هڪ هنگامي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. هريڪي ۽ فيروز پور جي هنڌن تي وڏي پئماني تي ٻوڏ اچڻ جو انديشو آهي، جتي پاڻي جي سطح خطري واري حد کان مٿي پهچي وئي آهي۔ وزارت جي اطلاع ۾ چيو ويو آهي ته سمورا لاڳاپيل ادارا الرٽ رهن ۽ متاثر ٿيندڙ علائقن مان آبادي جي محفوظ منتقلي سميت بنيادي بندوبست يقيني بڻايو وڃي۔