اسلام آباد(پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته موسم جي حوالي سان اڳواٽ خبرداري وارو نظام نصب نه ڪرڻ حڪمرانن جي مجرمانه غفلت آهي، ذميوارن جي نشاندهي ڪئي وڃي، حڪمران پنهنجي ذاتي مشهوري لاءِ اربين رپيا اشتهارن تي خرچ ڪري سنگين ڏوهه ڪري رهيا آهن، ٻيلن جي واڍي ۾ ملوث ماڻهو حڪومتن ۾ شامل آهن،اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ جماعت اسلامي پاران منعقد ڪيل "محفوظ مستقبل؛ پاڻي وسيلن جو موثر انتظام ۽ ماحولياتي تحفظ” جي عنوان سان هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ جماعت اسلامي پاڪستان جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر سيد فراست شاهه، پاڻي وسيلن جي ماهر انجنيئر بشير لاکاني، خيبر پختونخواه جي اڳوڻي صوبائي سيڪريٽري انجنيئر نعيم خان، بين الاقوامي پاڻي ماهر اختر علي،قائداعظم يونيورسٽي جي ڊين فيڪلٽي آف انوائرمينٽل سائنسز ڊاڪٽر سهيل يوسف، واپڊا جي صلاحڪار شاهد حميد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي ڳالهه اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن حڪومت وٽ ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ دليل آهن ته ان کي عوام آڏو پيش ڪرڻ گهرجي. عوام جي ٽيڪسن جي پئسن سان عياشي بند ڪئي وڃي، تڪراري ڊيمن جي بدران ٻين ڊيمن تي ڪم ڪيو وڃي، ۽ اهڙا ڪينال ٺاهڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي جيڪي صوبن جي حقن جي خلاف ورزي نه ڪن؟ڪينالن جو معاملو اعتماد جي کوٽ جو معاملو آهي.