ڪراچي/حيدرآباد/سکر(رپورٽر/نمائندا) سنڌ ۾ چوماسي جي نئين سلسلي سبب ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات شروع ٿي وئي، ڪيئي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ڦٽين ۽ سارين جي فصل کي نقصان جو انديشو آهي. جڏهن ته پنجاب کان ٻوڏن جو وهڪرو به سنڌو ذريعي سنڌ طرف وڌڻ لڳو آهي. سانگهڙ شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات سبب شهر جي هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي وئي.کپرو، پيرومل چوٽياريون، ڪنڊياري ۽ جهول ۾ به برسات جو سلسلو جاري رهيو. تلھار ۽ ڀرپاسي مختلف علائقن پيرو لاشاري سعيدپور، چانري اسٽاپ تي ٽن ڪلاڪن کان زور دار برسات جي ڪري شھر جا ھيٺانھين وارا علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن. ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو. شهر جي مختلف روڊن تي پاڻي بيهجڻ جي ڪري ٽريفڪ جو نظام متاثر ٿيو آهي ۽ گٽرن جو گندو پاڻي گهرن پڻ پاڻي ڪاهي پيو آهي، شهر جي مختلف علائقن مان پاڻي جي نيڪال لاء ميونسپل ڪارپوريشن ميرپورخاص جي ميئر عبدالرئوف غوري، ٽي ايم سي شير محمد ٽالپر جي چيئرمين ولي محمد ناريجو ۽ ٽي ايم سي سيد خادم علي شاھ جي چيرمين سيد شازل شاھ پاران مختلف علائقن جو دورو ڪري برساتن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. بدين ۽ ڀرپاسي وقفي سان برسات سبب بدين جي سامونڊي پٽي وارارستا پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن جنھنڪري انھن علائقن جو رابطو شھرن کان ڪٽيل آھي بدين ۔ تلھار ۔ ماتلي ۔ گولاڙچي ء ٽنڊو باگو ۔ پنگريو ۔ ملڪاڻي شريف، نندو ۔کوسڪي، شادي لارج ، کڏھرو، ڏيئي، راڄو خاناڻي، پيرو لاشاري، ڪڍڻ ۔عليل بندر سيراڻي سميت مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان تيز ھوائن سان برسات جو سلسلو جاري رهيو. ٿر جي مختلف علائقن ۽ ننگر پارڪر ۾ به برسات جاري رهي. ڏيپلو ۾ به گجگوڙ سان مينهن پيو. ڪنري تعلقي جي اڪثر علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو. شھر جي مختلف مک ڪاروباري ڪولهي بازار، ڳڙھ منڊي، شاھي بازار، چاندني مارڪيٽ، غريب آباد، سھراب ڪالوني، مھراڻ ڪالوني، ڀٽائي ڪالوني، سميع الله پاڙو، رحمت ڪالوني سميت ٻين ھنڌن تي برساتي ۽ گٽرن جو گندو پاڻي اٿلي پوڻ سبب ڪارونھوار ٺپ ٿي ويو آھي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪالهه هلڪي برسات پئي، سپرهاءِ وي، گڏاپ ۾ تيز وسڪارو پيو، گلشن اقبال، ڪورنگي، لانڍي، ملير، لالوکيت ۾ برساتي وسڪارو ٿيو. موسميات کاتي 11 سيپٽمبر تائين برسات جاري رهڻ جو امڪان ڏيکاريو آهي. برساتن سبب سڄي سنڌ خاص طور لاڙ ۾ تيار سارين جي آڳاٽي فصل کي نقصان جو انديشو آهي. ڦٽين، ٽماٽن ۽ ٻئي فصل کي به نقصان پئجي سگهي ٿو. بدين جا ٽماٽي وارا آبادگار پريشاني جو شڪار آهن. هوڏانهن موسميات کاتي ڪراچيءَ ۾ 11 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان گجگوڙ سان گڏ مينهن وسڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، سانگهڙ، خيرپور، شهيد بينظير آباد، دادو ۽ مٽياريءَ ۾ به 11 سيپٽمبر تائين تيز هوائن ۽ مينهن جو امڪان آهي. ٽنڊي محمد خان، ٽنڊوالهه يار، حيدرآباد، ٺٽي، بدين، سجاول، ڄامشورو، شڪارپور، ڪشمور، سکر، جيڪب آباد ۽ گھوٽڪي ۾ به مينهن پئجي سگهي ٿي.محڪمه موسميات جو چوڻ آهي ته مينهن سبب ڪراچي، ٺٽو، بدين، سجاول ۽ حيدرآباد جي هيٺاهين علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، ٿرپارڪر، خيرپور، سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ به شهري ٻوڏ جو خدشو موجود آهي. هوڏاهن دريائن ۾ چاڙهه واري صورتحال آهي. گنڊا سنگھ والا وڙ انتهائي اونهي سطح جي ٻوڏ آهي ۽ پاڻي جو وهڪرو 3 لک 11 هزار ڪيوسڪ آهي، سليمانڪي وٽ1 لک 38 هزار ڪيوسڪ، مراله وٽ 84 هزار ڪيوسڪ وهڪرو رڪارڊ ڪيو ويو. خانڪي هيڊ ورڪس تي پاڻي جو وهڪرو 1 لک 42 هزار ڪيوسڪ آهي. قادرآباد وٽ به هڪ لک 41 هزار ڪيوسڪ وهڪرو آهي. هيڊ تريمون وٽ 5 لک 43 هزار ڪيوسڪ آهي جڏهن ته پنجند وٽ 6 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو سنڌو طرف وڌڻ لڳو آهي. جيڪو ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ گڊو بئراج تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. تازن انگن اکرن موجب گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو4 لک هڪ هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سکر بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 3 لک 24 هزار ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 2 لک 44 هزار 283 ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 31 هزار 763 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن جي ويجهو لڳل ضلعا خاص طور تي ڪشمور، گھوٽڪي، سکر، خيرپور کي هاءِ الرٽ تي رکيو ويو آهي . سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي صوبائي رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل جي رپورٽ موجب، صوبي جي مختلف ڊويزنن ۽ ضلعن جي 44 تعلقن جي 167 يونين ڪائونسلن جا 1651 ڳوٺ متاثر ٿي سگهن ٿا، جتي مجموعي طور تي 16 لک 38 هزار 491 ماڻهن جي آبادي متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. مجموعي طور تي 1 لک 33 هزار 887 ماڻهو متاثر ٿيا آهن. سڄي صوبي ۾ 528 رليف ڪيمپون لڳايون ويون آهن.صحت کاتي پاران مجموعي طور تي 158 ميڊيڪل ڪيمپون (موبائل ۽ فڪسڊ) لڳايون ويون آهن.لائيو اسٽاڪ جي صورتحال بابت رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڄي صوبي ۾ 380,363 چوپايو مال محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 59 هزار 148 ۽ مجموعي طور تي 9 لک 37 هزار 944 چوپائي مال کي ويڪسين ۽ علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. عوام کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري طور تي ويجهي رليف ڪيمپ يا ڪنٽرول روم جي نمبرن 021-99222967، 99222902، 99222758، 99222759 تي رابطو ڪن.