ٽنڊو محمد خان ڀرسان نينگري قتل ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ جوابدار گرفتار

ٽنڊو محمد خان (ڊ ر) ٽنڊو محمد خان جي ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس ڀرسان 6 ڏينهن اڳ تشدد ڪري 8 سالن جي معصوم نينگري عيشاني جي بيدردي سان ڪيل قتل واري واقعي جو گهرو کاتي جي صوبائي وزير نيٺ نوٽيس ورتو ،  وڌيڪ هڪ جوابدار گرفتار ٽنڊو محمد خان جي ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس جي ڊپٽي ڪمشنر هائوس ڀرسان هيلٿ کاتي جي بند پيل عمارت ۾ 6 ڏينهن اڳ پورهيت علي محمد بڙدي جي 8  سالن جي معصوم نينگري عيشاني کي اغوا ڪري مٿس وحشياڻو تشدد ڪرڻ سان گڏ سندس اکيون لوهي سيکن سان ڪڍي مٿس ڪيترائي لوهي سيکن سان وار ڪري زخمي ڪري، لڄالٽ کانپوءِ بيدردي سان قتل ڪرڻ جي واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن ريحان بڙدي ۽ فتح بڙدي جي گرفتارين کانپوءِ پهرين هڪ جوابدار کي ظاهر ڪري ٻي جوابدار جي گرفتاري ايف آءِ آر ۾ ظاهر ڪري ڇڏي، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو نيٺ نوٽيس وٺي ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کان تفصيل طلب ڪري ورتا پر معصوم نينگري جي والد ۽ وارثن جي ڪا به مالي سهائتا لاءِ امداد طور معاوضي جو ڪو به اعلان نه ڪيو آهي نه وري سندن ڪا مدد ڪئي وئي آهي صرف نوٽيس وٺڻ سان رپورٽ طلب ڪئي وئي، علائقي جي سياسي سماجي ساڃاھ وندن ۽ قومپرست ڌرين طرفان معصوم نينگري جي بيدردي سان قتل تي اعلى اختيارين ۽ عدالت کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ياد رهي ته 6 ڏينهن اڳ معصوم نينگري عيشاني کي اغوا ڪري وحشياڻي تشدد ۽ لڄالٽ کانپوءِ بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.