ڪراچي (رپورٽر) ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (TCP) پاران وڌيڪ هڪ لک ميٽرڪ ٽن کنڊ جي درآمد لاءِ ٽينڊر اڄ کوليو ويندو، وفاقي حڪومت طرفان ٻاهرين ملڪن مان کنڊ درآمد ڪرڻ جا قدم تيز ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٽي سي پي طرفان ان حوالي سان ٻوليون طلب ڪيون ويون هيون، ٽينڊر جي دستاويزن موجب،25 هزار ٽن کان گهٽ ٻوليون قبول نه ٿينديون، ان کان اڳ21 آگسٽ تي ٽي سي پي پاران ٻه لک ٽن کنڊ جي درآمد لاءِ ٽينڊر کوليو ويو هو، جنهن ۾ ڇهه ٻوليون مليون هيون، ٽينڊر ۾ 560 کان 592 ڊالر في ميٽرڪ ٽن جي حد تائين ٻوليون مليون هيون، جن مان بيئر سينڊڪٽ ايف زيڊ سي او يو اي اي طرفان سڀ کان گهٽ ٻولي ڏني وئي هئي، وفاقي ڪابينا جولاءِ 2025 ۾ 5 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي.
-
اسرائيلي فوج جا غزا ۾ حملا، وڌيڪ 21 فلسطيني شهيد
غزا (م ڊ) اسرائيلي قابض فوج غزا ۾ اسڪولن، خيمن ۽ گهرن تي حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن، صرف هڪ ڏينهن ۾ ٿيندڙ حملن دوران وڌيڪ 21 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، الجزيره جي رپورٽ موجب، اسرائيلي فوج غزا سٽي جي اولهه واري علائقي الفارابي اسڪول تي حملو ڪيو، جتي بي گهر فلسطيني رهائش اختيار ڪري ويٺا هئا، هن حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 شهري شهيد ٿي ويا، ٻئي طرف شيخ رضوان پاڙي ۾ ڪيل حملي ۾ 9 فلسطيني شهيد ٿيا، جن ۾ 4 ٻار به شامل آهن، ان کانسواءِ رِمال پاڙي ۾ بي گهر ماڻهن جي خيمن تي ڪيل حملي ۾ 2 ٻار شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، غزا جي رهواسي صهيب فودا ٻڌايو ت مون ڌماڪي جو آواز ٻڌو، هڪ بلاڪ منهنجي منهن ۾ لڳو، منهنجي سئوٽ جي ڌيءَ زخمي ٿي پئي، ٻيو بلاڪ هن جي مٿي تي پيو، ماڻهو رڙيون ڪري رهيا هئا، غزا جي وزارتِ صحت موجب 24 ڪلاڪن ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب وڌيڪ 5 فلسطيني شهيد ٿيا آهن، جن ۾ 3 ٻار شامل آهن، غزا ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب شهيد ٿيندڙن جو انگ هاڻ 387 ٿي ويو آهي، جن ۾ 138 ٻار به شامل آهن، جڏهن ته آڪٽوبر 2023 کان اڄ تائين اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 64,368 فلسطيني شهيد ۽ 162,776 زخمي ٿي چڪا آهن.
-
ڪراچي ۾ وين مان 2 ڪروڙ 32 لک رپيا ڦرلٽ
ڪراچي (رپورٽر) منگھوپير نيو ناظم آباد ڪلما چوڪ جي ويجهو ڌاڙي جي وڏي واردات دوران ڪيَش وين مان 2 ڪروڙ 32 لک 84 هزار 580 رپيا ڦر ڪرڻ جو واقعو سامهون آيو، جنهن جا سي سي ٽي وي فٽيجز پڻ جاري ڪيا ويا، هٿياربند ڏوهارين نه رڳو رقم سان ڀريل بيگ ڦريو پر ڪيَش وين ۾ سوار سيڪيورٽي گارڊ کان رائفل به کسي فرار ٿي ويا.فٽيجز ۾ ڏٺو ويو ته هڪ جوابدار وين آڏو اچي هٿيار سڌا ڪيا، جڏهن ته ٻين 4 جوابدارن وين جو گهيرو ڪري رقم ۽ هٿيار ڦري آرام سان موٽر سائيڪلن تي فرار ٿي ويا، پوليس غازي خان جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري فٽيجز جي مدد سان ڏوهارين جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.