پنجاب ۾ ٻوڏ سبب ساڍا41 لک ماڻهو متاثر، 56 ڄڻا فوت ٿيا

لاهور( بيورو رپورٽ) پنجاب ۾ ٻوڏ جي تباهين سبب هن وقت تائين 41 لک 51 هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته فوتين جو انگ 56 تائين پهچي ويو آهي. پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل عرفان ڪاٺئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن کان گجرات ۾ هنگامي صورتحال آهي، جتي ادارن جي مشينري پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. عرفان ڪاٺئي موجب راوي، ستلج ۽ چناب ۾ صورتحال بهتر ٿي آهي. ستلج درياهه ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ جو خطرو ختم ٿي چڪو آهي، جڏهن ته گنڊا سنگھ وٽ صورتحال معمول تي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ٻيو وڏو ٻوڏ جو وهڪرو هيڊ مراله مان ٿيندو تريمون تي پهچي چڪو آهي، جتان 5 لک 83 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو آهي، جيڪو ايندڙ 12 کان 18 ڪلاڪن ۾ 6 لک ڪيوسڪ کان وڌڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.