”ظلم خلاف آواز اٿاريندڙن تي ٿيندڙ حملا“

هونئن ته پنهنجي ملڪ اندر پهرين ڏينهن کان رياست ۽ حڪومت جي پاليسين خلاف جيڪا به سياسي جماعت يا اڳواڻ اختلاف يا مخالفت ڪندو رهيو آهي تنهن خلاف رياستي ۽ حڪومتي ڪارروائي ٿيندي رهي آهي جيڪا بدترين روايت رهي آهي. ان روايت تحت تازي ترين ڪارروائي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي صدر زين شاهه سميت 35 ڄڻن مٿان سرڪار جي مدئيت ۾ ڪوٽڙي ۽ لوڻي ڪوٽ ٿاڻي تي ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرڻ آهي. انهن ڪيسن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 31 اگسٽ تي زين العابدين شاهه 35 ماڻهن سان گڏ نوري آباد کان نيشنل هاءِ وي بند ڪيو ۽ ملڪ خلاف نعري بازي ڪري رهيا هيا.

ٻئي طرف ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي ساڃاهه وندن مذمت ڪندي چيو آهي ته زين شاهه سنڌ ۽ سنڌي قوم جو ڪيس مضبوطي مان پيو وڙهي جيڪا ڳالهه پ پ سرڪار کان هضم نه پئي ٿئي. هتي ساين جي ايم سيد کان ويندي زين شاهه تائين مٿن ڪيس داخل ٿيڻ معمول جي ڳالهه آهي. جڏهن ته سنڌ يونائٽڊ پارٽي جي صدر زين شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مون تي داخل ايف آءِ آر ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي جنهن مان سنڌ حڪومت جي پت وائکي ٿي وئي آهي. هن چيو ته واقعي واري ڏينهن مان موري ۾ موجود هيس جڏهن ته ايف آءِ آر لوڻي ڪوٽ ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي. مان هڪ ئي وقت مورو ۽ لوڻي ڪوٽ ۾ ڪيئن موجود هوندس!

جڏهن ته ان عمل جي ٻين سياسي جماعتن به سختي مان مذمت ڪئي آهي. گرينڊ ڊيمو ڪريٽيڪ الائنس جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر عباسيءَ چيو ته زين شاهه انساني حقن جي تحفظ ۽ سانحي مورو جي متاثرن لاءِ پرامن ريلي ڪڍي هئي جنهن تي کيس نشانو بڻائڻ انصاف جو قتل آهي. هن چيو ته اصل مجرمن کي بچائڻ ۽ سياسي انتقام طور هڪ نامور مخالف اڳواڻ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جمهوريت ۽ قانوني جي ڀڃڪڙي آهي. هن اعليٰ عدليه، انساني حقن وارين تنظيمن ۽ سول سوسائٽي کان اپيل ڪئي ته فوري طور ان غير قانوني عمل جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي وڃي. آئين ئي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيي چيو آهي ته سنڌ ۾ قوم پرست قيادت ۽ ڪارڪنن خلاف انتقامي ڪارروايون پ پ سرڪار جي آمراڻا هٿڪنڊن جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن چيو ته سنڌ ۾ ظلم جو راڄ مڙهيل آهي جيڪو ظلم جي خلاف آواز اٿاري ٿو ته ان خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا.

اهڙي ئي قسم جو آواز بلوچستان مان به اٿندو رهيو آهي. ويجهڙ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير، بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه اختر مينگل ڪجهه ڏينهن اڳ سندس سياسي قافلي تي ٿيل بم حملي واري واقعي جي پس منظر ۾ ڳالهائيندي چيو ته هي حملو ان آواز تي حملو آهي جيڪو بلوچستان تي ٿيندڙ ظلم، انساني حقن جي ڀڃڪڙين، ڦرلٽ بابت آواز کي اٿارڻ تي حملو آهي. هن چيو ته اها حڪومت جي ذميواري هئي ته حملي آُورن جي سڃاڻپ ڪري ها پر اڄ تائين حڪومت ان تي ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي هن اهو به اهم نڪتو اٿاريو هو ته بلوچستان کي ان جاءِ تي نه پهچايو جو حالتون نو-رٽرن  پوائنٽ تي پهچي وڃن ۽ پوءِ ڪير اسان جي به نه ٻڌي. اڄ جو نوجوان جمهوري ۽ پارلياماني سياست کان بيزار ٿي چڪو آهي. آئين رڳو طاقت ورن کي بچايو آهي ۽ اهو انهن جي ذريعي ئي هلي ٿو.

اسان جو به هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته جمهوريت جي روح جي تقاضا اها آهي ته هر قسم جي آواز کي ٻڌو وڃي پر افسوس ته هن ملڪ اندر حقيقي جمهوريت اڃان پيدا ئي ناهي ٿي. هتي هر دور ۾ سڌي يا اڻ سڌي نموني آمريت جو راڄ رهيو آهي. اهو رويو انتهائي افسوس جوڳو آهي ته رياست ۽ حڪومت جي پاليسين خلاف جيڪڏهن ڪير ڳالهائي ٿو ته ان کي ملڪ دشمن ۽ غدار تصور ڪيو ويندو آهي نه رڳو تصور ڪيو ويندو آهي پر ان خلاف حڪومتي ۽ رياستي ڪارروائي به ڪئي ويندي آهي جنهن جي نشاندهي سنڌ جي قوم پرست اڳواڻ زين شاهه ۽ بلوچستان جي سياسي اڳواڻ اختر مينگل ڪيو آهي. معنيٰ ته هتي رياست حڪومت جي پاليسين جي مخالفت کي ڏوهه سمجهيو وڃي ٿو ۽ پوءِ مٿن ڪيس داخل ڪيا ويندا آهن.

اهو اصل ۾ غير جمهوري رويو آهي جنهن ئي هن ملڪ ۽ رياست کي سڀ کان وڏو نقصان رسايو آهي. اسان جي حڪمرانن ۾ ايتري به همت ناهي جو اهي ملڪ کي آئين ۽ قانون مطابق هلائي سگهن باوجود ان جي ته اهي آئين ۽ قانون جي پاسداري جو حلف کڻڻ کانپوءِ ئي ڪو به عهدو سنڀاليندا آهن . پر اهو حلف صرف حلف تائين محدود هوندو آهي جنهن جي مخالف ڌر يا اڳواڻ نشاندهي ڪندا آهن ته کين ملڪ دشمن ۽ غدار سمجهيو ويندو آهي جڏهن ته ملڪ دشمن حقيقت ۾ اهي ڌريون آهن جيڪي روز آئين ۽ قانون توڙي کنيل قسم جي ڀڃڪڙي ڪنديون رهندون آهن.

اهو به ظلم آهي ته 78 سال گذرڻ باوجود اهو طئي نه ٿي سگهيو آهي ته ملڪ جو سپريم ادارو ڪهڙو آهي. جيڪو ملڪ کي هلائي، آئيني طور تي ته پارليامينٽ ئي سپريم ادارو آهي پر غير جمهوري طاقتون پاڻ کي ان نظام تي مڙهڻ جون قائل رهيون آهن ۽ اهي ان نظام مان پنهنجو هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن. اهي غير جمهوري طاقتون ئي اصل ۾ پنهنجي ان مفاد کي هر دور ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ نظريهء ضرورت تحت آئين ۽ قانون کي استعمال ڪنديون آهن ۽ پوءِ جيڪي به سياسي، سماجي، ادبي، صحافتي ڌريون ان پاليسي خلاف ڳالهائنديون آهن، آواز اٿارينديون آهن تن کي نشانو بڻايو ويندو آهي. اهو ورتاءُ تيستائين جاري رهندوجيستائين ملڪ کي آئين ۽ قاننو پارليامينٽ ۽ جمهوريت جي روح تحت نه هلايو ويندو.

سو اهو به طئي آهي ته جيستائين ملڪ کي درست رخ ۾ نه هلايو ويندو، آئين ۽ قانون تحت نه هلايو ويندو ۽ ملڪ توڙي عوام دشمن پاليسين کي ترڪ نه ڪيو ويندو ته مخالف آواز به اٿندو رهندو. ڇو ته هر عمل جو ردعمل فطري هوندو آهي، سائنسي اصول به اهو ئي آهي. غلط ڪم ڪبو، غلط پاليسيون جوڙبيون، غلط طريقي سان ملڪ هلائبو ته رد عمل لازمي ظاهر ٿيندو پر هتي بجاءِ ان جي ته تنقيدن مان سکجي ۽ غلط توڙي تلخ تجربن مان سبق وٺجي الٽو غلطين مٿان غلطيون ئي ڪيون پيون وڃن ۽ هڪڙن سياسي، اقتداري ۽ سامراجي مفادن ڪري ملڪ کي غلط طريقي سان ئي هلايو پيو وڃي جيڪو ملڪ جو سڀ کان وڏو الميو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.