سنڌي ادب ۾ سيرت نگاري

تحرير: محمد خالد معراج عباسي سڪندري

ٻيو ۽ آخري حصو

“سيرت النبي”مولوي فضل احمد غزنوي ٻه جلد (1944ع) ، “حالات نبوي” علي خان ابڙو ، “حصرت محمد مصطفيٰ”  دين محمد وفائي ، “دربار نبوي جا فرمان ۽ فيصلا ” عبدالحڪيم ، “رسول مقبول” حبيب الله ڀٽي ،  “شاھ عرب”  حقير ابن مڱڻ ، “ٻنھي جھانن جو سردار” عبدالھادي سرھيو،  دين ڪامل  مخدوم امير احمد 1963ع حيدرآباد ، “خطبات سيرت” محمد احمد. “اسان جو پيارو آقا” مخدوم محمد صالح ڀٽي.

سنڌي ٻولي ۾ سيرت تي ھڪ غيرمنقوط ڪتاب به لکيو ويو آھي. اھڙا ڪتاب جن ۾ نقطن کان خالي لفظ ڪتب آندا وڃن تن ڪتابن کي غيرمنقوط ڪتاب چوندا آھن.

سيرت پاڪ تي ٻين ٻولين ۾ لکيل سٺا ڪتاب به وڏي انگ ۾ سنڌي ۾ ترجمو ٿيا آھن. ان سلسلي ۾ حضرت عروه بن زبير جو لکيل ڪتاب “مغازي رسول الله ” ڊاڪٽر اسرار احمد علوي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آھي. ڊاڪٽر علوي صاحب سيرت ھاشمي جو پڻ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آھي. “

هڪ محتاط اندازي مطابق سنڌي ٻولي ۾ ھن وقت تائين سيرت تي ست سو کان مٿي ڪتاب ۽ ھزارين مقالا ۽ مضمون لکجي ڇپجي چڪا آھن.

خصوص ديني ڏھاڙن تي سنڌي مذھبي غيرمذھبي رسالن ۽ اخبارن جي خصوصي شمارن ۾ به سيرت جي مختلف پھلوئن تي مختلف عالمن جا اڻ کٽ مضمون ڇپجندا رھيا آھن.

سنڌي نظم ۾ سيرت نگاري

سنڌي شاعرن نبي پاڪ صاحب لولاڪ صلي الله عليه و سلم جي زندگي جي واقعات ۽ معجزات کي پنھنجي نظم ۽ شعر ۾ بيان ڪيو آھي تنھنڪري سندن شاعري جي مجموعن کي به منظوم سيرت چيو ويندو آھي12. سنڌي لوڪ ادب ۽ شاعري جون ڪيتريون ئي صنفون رسول الله صلي الله عليه وسلم جي مدح ۽ سيرت لاءِ وقف آهن جيئن بيت، ڏوهيڙو، مدح، قصيدو، مناجات، مولود ۽ ٽيهه اکري وغيره. عام شاعرن جي شعر ۾ نعتيه شعرن جو وڏو ذخيرو ملي ٿو. پراڻي دور ۾ مخدوم عبدالرئوف ڀٽي، مولانا اشرف سنڌي، مولوي ميان عبدالله، ميان سرفراز ڪلهوڙو جو نعتيه ڪلام مقبولِ عام آھي. عروضي شاعرن جي ڪلام ۾ به نعتيه شاعري ملي ٿي جيئن خليفو گل محمد گل هالائي، مرزا قليچ بيگ، مرزا فتح علي بيگ، آخوند محمد قاسم، حافظ حامد ٽکڙائي، سيد فاضل شاه، سيد غلام محمد شاه گدا، مرزا قاسم علي بيگ قاسم، ميرعبدالحسين سانگي ۽ مرزا قربان علي بيگ.

عروضي شاعرن جي ڪلام ۾ به مداحون ملن ٿيون جيئن ميان سرفراز خان ڪلهوڙو، آخوند محمد بچل انور (مير نصير خان ٽالپر جو استاد) ۽ نواب الهداد جون مداحون. مناجات چوندڙ ۾ پهرين مناجات مخدوم عبدالله عرف ميان موريو جي ملي ٿي. هن ڪتاب ”ڪنزالعبرت” لکيو. هن ٻيا ڪتاب بدرالمنير، غزوات، نورالابصار، هفت بهشت، قمرالمنير ۽ سڱ نامو به لکيا آهن. ان کان پوء مخدوم عبدالرحيم گروهڙي، حمل فقير لغاري، مينگهو فقير شر، ميان احمد خانڳڙهي، حسين فقير ديدڙ، حامد الله عرف حامد حضوري (1843ع) جون مناجاتون به ملن ٿيون. مناقب ۾ مولانا مخدوم غلام محمد بگائي، پير محمد اشرف شاه ڪامارائي، آخوند عبدالرحمان پاندي، آريسر، مولودي محمد صلاح، فيض محمد ماڇي، محمد حسن، حاجي عبدلله ڊکڻ ۽ رمضان واڍو وغيره به مناجاتون چيون آهن.

 سڀ کان پهريون ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٺوي جو ”قوت العاشقين“ آهي جنهن ۾ هن نبي پاڪ جا معجزا منظوم بيان ڪيا آهن، سيد خير شاه به شعرن ۾ معجزا بيان ڪيا آهن. جديد دور ۾ حاجي غلام النبي مهيسر، مکڻو مهر، عبداللطيف عرشي عباسي ۽ عبدالرحيم عزمي به پنهنجي شعر ۾ معجزا بيان ڪيا آهن. مولود يارهين صدي هجري جي آخر ۾ رائج ٿيل لڳي ٿو جو مولود جي فني ساخت وائي يا ڪافي جهڙي آهي. ان جا نمونا پهريان پهريان شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جي بيتن ۾ ملن ٿا. شاهه عنايت رضوي ته هڪ وائي کي مولود سڏيندي چوي ٿو ”صلوات صدق سين اي مولود مدام“ . ان کان پوء ثنائي حاجي حسن چانڊيو ٻيلھائي، غلام رسول جتوئي، مولوي عبدالڪريم ڪھاڙو عبد، مولوي محمد ھاشم انصاري جهڙا جا مولود ملن ٿا. تنهن کان پوء محمد صديق، حاجي غلام نبي مھيسر (1938-2000ع)، صفر ٽڳڙ، محمدبچل عباسي، ميرل گلال، الحاج پير محمد سائل هالائي ، عبداللطيف عرشي عباسي سڪندري، حاجي مکڻو مھر، پير ڪرم الله الاهي، غلام عمر چن، محمد بچل سميجو، عبدالقادر عباسي، حافظ نياز پاهي، محسن چانڊيو، عاشق عباسي، عبدالرحيم عزمي، رحمت الله عاجز، رفيق احمد شاه امروٽي، نالي مٺو مهيسر، شير سهڙو ۽ محمدنواز نوازڻ مهر مولود لکن ٿا آھن. جناب فتح محمد سيوھاڻي، ھاشم مخلص، حافظ بسمل، شمس الدين بلبل، نورمحمد نظاماڻي نور، ميان علي محمد دادوي، غلام احمد نظامي جا ڪلام چپيل آھن. ان کان علاوھ جيڪي مولودن جا مجموعا چپيل آھن تن ۾ محمد ھاشم انصاري جو “گلزار ھاشمي”، غلام رسول جتوئي جو “گلشن جتوئي” ،فقير محمد رمضان لوھر جو “بوستان محمدي”، نواب علي ماھر نور علي شاھ نوراني ٺٺوي جو “ڪلام نوراني”، ميرعلي نواز علوي جو “ڪليات علوي” ، پيرمحمد سائل جو ”ڪليات هالائي“ عرف ”گلستان المعرفت“ ، اضعف هالائي جو ”احوال محمدي“، شوڪت ابڙو جو ديوان ”بهشتي درشن“ ، حاجي غلام النبي مھيسر جو ڪتابچو  ” ثناء سرور ڪائنات” 46 ڀاڱا، ۽ سندس ڪتابي مجموعا ھرھڪ نالي عقيدت جا گل، رنگي تنھنجا رنگ ، پنج خدا جا گنج، حق مدينه، سونھن ۽ ساراھ ، محفل ۽ ميلاد چپڇي چڪا آھن. سيد گل محمد شاھ بخاري جا ٻه نعتيه ديوان ھر ھڪ ديوان سرورعالم ۽ ديوان آب ڪوثر، ۽ نعتيه مجموعا ذڪر رسول، سيدالمرسلين، ۽ موتي ميڙيا مون. جناب عبداللطيف عرشي عباسي سڪندري جا چار نعتيه مجموعا يعني چنڊ چوان سچء مديني جا موتي ، ماڻڪ مٽ سندوم، عرشي جو آواز، چپيا آھن. حاجي علي بخش جماڻي جو ”جهڙا گل گلاب جا“ ۽ ”محسن اعظم“ ، خيال کتري جو ”مهڪار مديني جي“ جوهر بروهي جا  روشنائي، اڪرم ٻورڙائي جو سندي سڪ پرين، اکيون پسي آئيون ۽ محمد راشد “ارشاد” عباسي جو “محبوبن جي محبت جا چار ڀاڱا شامل آھن. ماضي قريب ۾ ڪيترن ئي شاعرن جا شعري ۽ نعتيه ديوان ۽ مجموعا چپجي پڙھندڙ آڏو اچي چڪا آھن جيڪي آئون عدم دستيابي، ٿوري وقت ۽ بي همتي سبب ھن مقالي ۾ شامل نه ڪري سگهيو آھيان.

مٿين مضمون جو تت هي آهي ته سنڌي ادب نسرڻ جي ابتدا ۾ ئي سيرت تي ڪتاب لکيا ويا. اهو سلسلو هاڻي تائين جاري آهيِ. سيرت تي موجود هڪ وڏو علمي سرمايو ۽ اثاثو سنڌي ادب جي مٿي تي تاج وانگر چمڪي رهيو آهي هن مهل سيرت جي ڪتابن ۽ مواد سنڌي ادب ۾ سٺي جاء والاري ورتي آھي. توڙي جو پاڪستان جي ٻين علاقائي ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌي ادب ۾ سيرت نگاري تي معياري ۽ گهڻو مواد لکجي ۽ ڇپجي چڪو آهي تڏهن به ان کي عالمي ٻولين ۾ لکيل ۽ ڇپيل مواد سان تنوع، معيار ۽ انگ ۾ ڪنهن به طرح ڀيٽي نٿو سگهجي. ٻيو ته سنڌ جي اڳوڻن عالمن جا عربي فارسي ۽ سنڌي ۾ لکيل اھي اڻ چپيل ڪتاب جيڪي قلمي صورت ۾ مختلف ھنڌن تي پيا آھن ھٿيڪا ڪري سنڌي ۾ آڻي ڇپائڻ گھرجن ته جيئن انھن ۾ لڪيل علم جا موتي وقت سر پارکن اڳيان اچي سگھن. مزيد هي ته سنڌي سيرت نگار عالمن کي گهرجي ته ٻين ٻولين ۾ لکيل مواد کان سواءِ جديد گهرجن مطابق سيرت جي نئين جهتن ۽ پاسن سميت جزوي واقعات تي پڻ ڪتاب لکي علم جي اڃارن جي اڃ ختم ڪن. والسلام علي من اتبع الهدي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.