ڪنڌڪوٽ لڳ ڪي ڪي بند تان 2 ڊمپر ڊرائيور اغوا، ڪم بند

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي+ عرفان علي کوسو) سنڌو درياهه جي ڪي ڪي بند تي ڪم ڪندڙ 2 ڊمپر ڊرائيور طفيل احمد ۽ امام الدين کي ڌاڙيل هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ٻيڙي وسيلي ڪچي ڏانهن فرار ٿي ويا. اغوا بعد بندن تي جاري ڪم بند ٿي ويو. جاري ڪم ۾ ڪي ڪي بند، ٽوڙي بند، گھوڙا گھٽ، نيو غوثپور بند، اولڊ ٽوڙي بند، حاڪم موري ۽ سرفراز موري جا ڪم شامل آهن، واقعي بعد فوري طور ڪم بند ڪري مشينريون واپس گهرايون ويون آهن.  ڊمپر ڊرائيور روهڙي جي ڪي ٽو سپلاءِ ڪمپني جا مزدور هئا، جيڪي بندن جي مضبوطي لاءِ پٿر پهچائي رهيا هئا. ڌاڙيلن ڊرائيورن تي فائرنگ ڪري اغوا ڪرڻ سان گڏ مزدورن جا موبائيل فون به ڦٽو ڪيا. واقعي کان پوءِ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ محمد مراد گھانگھرو ۽ ڊي سي آغا شير زمان پٺاڻ واقعي واري هنڌ پهتا، پوليس ۽ رينجرز جا وڏا اٽالا به ڪي ڪي بند تي مقرر ڪيا ويا. ٺيڪيدارن ۽ ايريگيشن عملي موجب جيستائين مغوي ڊرائيور بازياب نٿا ٿين، تيستائين بندن تي ڪم ٻيهر شروع نه ڪيو ويندو. علائقي واسين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايندڙ ٻوڏ دوران ڪي ڪي بند ٽٽي پيو ته نه رڳو ڪنڌڪوٽ نه پر پوري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تباهي ٿيندي. ذريعن موجب، ڌاڙيل پوليس تي شرطون مڙهي اغوا ٿيل مزدورن جي بدلي ۾ پنهنجا مطالبا مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.