پنجاب جي دريائن ۾ چاڙهه، ملتان، ميلسي،بهاولپور جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ

لاهور/ملتان (بيورو رپورٽ) پنجاب جي دريائن ۾ چاڙهه سبب بندن تي پاڻي جو دٻاءُ آهي. ملتان کي بچائڻ لاءِ درياءَ ۽ راوي ۾ پاڻي جي خطرناڪ سطح عبور ڪرڻ سبب ملتان، بوري والا، ميلسي  سميت ڏکڻ پنجاب جا ڪيترائي علائقا سخت متاثر ٿيا آهن. شير شاهه، رانگو واهه ۽ اڪبر فلڊ بند تي پاڻي جو دٻاءُ انتها تي پهچي ويو آهي، جنهن ڪري ڪيترن ئي آبادين ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي. ملتان ۾  سڌنائي ڪينال  تي پاڻي جي غيرمعمولي دٻاءُ سبب  گهارو پوڻ  جي نتيجي ۾  بستي کوکراں  سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي. انتظاميه موجب  ڪينال ۾ گنجائش کان  چار ڀيرا وڌيڪ پاڻي  اچي چڪو آهي، ۽ بند کي بند ڪرڻ لاءِ هنگامي اپاءُ ورتا پيا وڃن. راوي درياءَ جو پاڻي اٿلي پيو  آهي.  پاڻي وڌڻ سبب اڪبرپور، علمدي سوره، بندہ سنديلہ، بستي بخش والا، بستي ڪوٽوال** سميت ڪيترائي ڳوٺ مڪمل طور تي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ملتان جي ڪمشنر چيو ته  موجب، آبادي کي بچائڻ لاءِ هنگامي اپاءُ ورتا ويا آهن، ۽ متاثر ماڻهن لاءِ فلڊ رليف ڪيمپون** قائم ڪيون ويون آهن، جتي ماڻهن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.   شهرين کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هو احتياط ڪن ۽ دريائن جي آس پاس تفريح يا ٻي سرگرميءَ کان پاسو ڪن.  چناب ۾  مرالہ هيڊ ورڪس تي پاڻي جو وهڪرو 1 لک 17 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو. قادرآباد هيڊ ورڪس تي وهڪرو 3 لک 85 هزار ڪيوسڪ تائين پهتو آهي. ترِيموں هيڊ ورڪس  تي وهڪرو  2 لک 39 هزار ڪيوسڪ  تائين پهتو آهي. راوي ۾  جسٽر  جي مقام تي وهڪرو  80 هزار ڪيوسڪ  آهي. راوي سائفن تي وهڪرو  1 لک 10 هزار ڪيوسڪ.    هيڊ ورڪس  تي وهڪرو  1 لک 38 هزار ڪيوسڪ  آهي.   ستلج ۾ سليمانڪي هيڊ ورڪس  تي وهڪرو  1 لک 39 هزار ڪيوسڪ  آهي. ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي، عرفان علي ڪاٺئي چيو آهي ته دريائن ۾ چاڙهه جي صورتحال جي پيش نظر شهرين کي سختي سان احتياط  ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.