هائبرڊ نظام جو مطلب آمريت آهي،ملڪ ۾ اشرافيه جي هڪ هٽي آهي:جسٽس اطهر من الله

ڪراچي (ماريا اسماعيل) سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪو چوي ٿو ته ملڪ ۾ اڄ هائبرڊ نظام آهي،ان جو مطلب اهو آهي ته آمريت آهي،آئيني حڪمراني ناهي،حق حڪمراني عوام جو حق آهي،هڪ شرط اهو آهي ته ڪو به ادارو پوليٽيڪل انجنيئرنگ نه ڪندو، 77 سالن جي عدليا جي تاريخ فخر جوڳي ناهي، ملڪ  تباهه ٿيو آهي ڇو ته ملڪ ۾ آئيني حڪومتون ۽ قانون جي بالادستي نه رهي آهي،اهڙن خيالن جو اظهار هن  ڪراچي بار ۾ "عدليا جي آزادي، آئيني حڪومت ۽ انصاف تائين رسائي” جي عنوان هيٺ هڪ اهم سيمينار خطاب ڪندي ڪيو ، سيمينار ۾ سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله، اڳوڻو صدر سپريم ڪورٽ بار منير اي ملڪ ۽ سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل فيصل صديقي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي.ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ مهمانن کي سنڌ جي ثقافتي نشاني ٽوپي ۽ اجرڪ پارائي ڀليڪار ڪيو. جسٽس اطهر من الله وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٺاهڻ کان اڳ ئي ان کي ٽوڙڻ جو بنياد رکي ڇڏيو ويو هو،جيڪڏهن سڀ پنهنجن حلفن جي پاسداري ڪن ته هر شهري سان انصاف ٿي سگهي ٿو. ججن کي پنهنجي پاڻ کي استعمال ٿيڻ ناهي ڏيڻو،هن چيو ته 2024 جي چونڊن ۾ 60 سيڪڙو ووٽر نوجوان هئا، ۽ اهو ئي ملڪ جو روشن مستقبل آهي،بدقسمتي سان 77 سالن کان شفاف چونڊون اسان جو خواب آهن،۽ جيڪڏهن ڪو ڏيکاءُ ڪري ته نه نه سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي ته اهو پاڻ ۽ الله کي دوکوڏئي رهيو آهي،2000ع۾ آمريت عروج تي هئي، ان وقت ڇهن ججن پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو، انهن ڇهن ججن مان پنج ججن جو تعلق سنڌ سان هيو.جسٽس اطهر من الله چيو ته77 کان آئين جي حڪمراني ناهي،آمريتن ۾ به چونڊون ٿيون آهن،چلي ۾ پنوشي جي دور ۾ آئيني عدالتون هيون،اتي به پنهنجي پسند جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ موڪليا ويندا هئا،توهان کي آزاد منش جج اتي کپن جتي آمريت جي رجيم جي مفادن خلاف فيصلا ڏيڻ هجن،هائبرڊ نظام جو مطلب آمريت آهي،آئين تحت گورننس هوندي ته ان سان اڳتي وڌي سگهبو، اسان جيڪا ملڪ جي تباهي ڪئي آهي اها اسان پاڻ ڪئي آهي، ايليٽ ڪلاس ملڪ تي قابض رهيو آهي، اسان قسم کڻي عهده سنڀاليندا آهيو ته بغير ڪنهن خوف جي انصاف ڪرڻو آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني ۽ قانون جي بالا دستي ناهي جنهن معاشري ۾ سچائي ختم ٿي وڃي ته اهو معاشرو ئي ختم ٿي ويندو.هن چيو ته اوڀر پاڪستان جا ماڻهون اسان کان ڌار نه پيا ٿيڻ چاهن، ان وقت جي حڪمرانن بنگالين کي بار قرار ڏنو هيو.ان وقت ڪراچي بار آمريت خلاف هئي ۽ فاطمه جناح سان گڏ هئي.بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي ضيا الحق چيو هو ته عدليا آزاد آهي، ذوالفقار ڀٽو جي باري ۾ جيڪو فيصلو عدليا ڪندي اهو ئي ٿيندو، ان وقت عدليا سخت پريشر ۾ هئي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي تي چاڙهيو ويو، 40 سالن بعد فيصلو ته ٿيو پر سزا ڪنهن به نه ملي،نوجوان ملڪ ۾ تبديلي آڻيندا،اڄ اظهار جي آزادي ناهي،سياسي خيالن تي به پابندي آهي، ڪراچي بار جي قدر عامر نواز وڙائچ چيو ته ڪراچي بار هميشه رول آف لا لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، پر 26 هين آئيني ترميم عدليا جي آزادي تي وڏو وار آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نائين نمبر تي ايندڙ جج کي آئيني بينچ جو سربراهه بڻائڻ عدليا جي آزادي تي سواليا نشان آهي.سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر منير اي ملڪ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ٿي ويا آهيون، 2007 کان عدليا جي ترقي روڪجي وئي آهي، هاڻي اعليٰ عدليا کي آزاد ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي.سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل فيصل صديقي خطاب ڪندي چيو ته 26 هين آئيني ترميم عدليا جي آزادي کي وڏو ڌڪ رسايو آهي. هن چيو ته عام ماڻهو صرف شفاف ۽ انصاف تي ٻڌل فيصلا چاهي ٿو، پر شفاف فيصلا نه ٿيڻ ڪري ماڻهو سخت پريشان آهن..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.