ڪراچي (ارباب چانڊيو) سنڌ جي وڏين ۽ بااثر شخصيتن جي فرنٽ مينن خلاف وڏيون ڪارروائيون شروع ٿي ويون آهن. ذريعن موجب انهن فرنٽ مينن جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي، جيڪي وڏن ماڻهن لاءِ جائز ۽ ناجائز ڪم ڪري نه رڳو انهن جو نه پر پنهنجو پيٽ به ڀرين ٿا. اطلاعن موجب تازو هڪ اهم شخصيت جي فرنٽ مين کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ان کان اڳ هڪ وزير ۽ هڪ ايم اين اي جا فرنٽ مين گرفتار ڪيا ويا هئا. ٻڌايو پيو وڃي ته فرنٽ مين اڪثر اهو چوندا آهن ته هي صاحب جو حڪم آهي، جڏهن ته انهن وٽ ڪو به سرڪاري عهدو ناهي هوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته فرنٽ مينن بابت جاچ سڀ کان اڳ انهن جي نيٽ ورڪ ۽ لاڳاپيل ماڻهن تي ٿيندي آهي ته اهي ڪهڙن ادارن ۽ شعبن سان جڙيل آهن، پيسو ڪيئن ورهائجي ٿو ۽ ڪير ڪيترو حصو وٺي ٿو. لسٽ تيار ٿيڻ بعد فيصلو ڪيو ويندو آهي ته پهريان ڪنهن خلاف ڪارروائي ڪرڻي آهي. ذريعن موجب اهڙن فرنٽ مينن کي عام عدالتن ۾ آڻڻ بدران لو پروفائيل ۾ رکي پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ٿي ۽ پوءِ اصل بااثر شخصيت سان رابطو ڪيو ويندو آهي. جيڪي اڳ ئي ملڪ مان فرار ٿي ويا آهن، انهن جي ڀلائي ان ۾ آهي ته پرڏيهه ۾ ئي رهن، نه ته انهن کي به واپس اچڻ تي ڪارروائي کي به منهن ڏيڻو پوندو.