حيدرآباد(رپورٽر) شاگردن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ، بدانتظامي، ڪرپشن، امتحانن ۾ اعتماد، شفافيت ۽ غيرجانبداري جو اصول ختم ٿيڻ خلاف سگهاري تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن(سياف) جي مرڪزي صدر آڪاش لاکو ٻين شاگرد اڳواڻن سينيئر نائب صدر وقار چولياڻي، جنرل سيڪريٽري زبير حسن پنهور، فرمان شاھه ۽ آفتاب سنڌي سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. آڪاش لاکي چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جھڙو حساس ۽ اھم ادارو سنڌ حڪومت جي سھڪار سان بدانتظامي ۽ بي قائدگي سان مڪمل طور تي ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڪرپشن جي حوالي ڪيو ويو آهي، ايس پي ايس سي ۾ سر عام نوڪرين لاءِ لکين رپين جون ڊيل ٿي رھيون آھن، ايتري قدر جو نتيجن اچڻ کان اڳ فھرستون طئي ٿي وڃن ٿيون، اھڙي طرز عمل باوجود سنڌ حڪومت ۽ اعلي اختيارين پاران ھن سنگين معاملي جو نوٽيس نٿو ورتو وڃي، اسين ان جو ذميوار سنڌ حڪومت کي سمجھون ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي ملي ڀڳت، غفلت ۽ نااھلي سبب ڪميشن جي امتحان ۾ اعتماد، شفافيت ۽ غيرجانبداري جو اصول ختم ٿي چڪو آهي، سنڌ جو غريب، محنتي ۽ اھل نوجوان شاگردن سالن کان محنت ڪري امتحان پاس ڪري ٿو پر سيٽون ڳرين رقمن عيوض وڪرو ڪري ٻين اميدوارن کي ويھاريو وڃي ٿو، حڪمرانن کان اهو سوال آهي ته ڇا اھل نوجوان شاگردن لاءِ سرڪاري نوڪريءَ جو دروازو بند ڪيو ويو آهي؟. هن چيو ته ميرٽ جي لتاڙ کي اھليت جو قتل سمجھون ٿا، اهل نوجوانن جي حق تي ڌاڙو ھڻي پئسن عيوض نوڪريون ڏيئي سنڌ جي بيوروڪريسي کي ناڪاره ۽ ڪرپٽ بڻايو ويو آھي. هن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اداري ۾ انتظامي عهدن تي مقررين تي پڻ سوال اٿي رهيا آهن، چيئرمين کان وٺي ڪلارڪ تائين اهليت بجاءِ حڪومتي سفارش تي عملو ڀرتي ڪيو ويو آهي، جيڪي ميرٽ جو قتلام ڪري رهيا آھن. هن چيو ته ايس پي ايس سي جي گذريل 3 سالن جي امتحانن ۾ ميونسپل آفيسرن، وٽرنري آفيسرن، ليڪچررن، سي اي سي، اي ايس آءِ ۽ ميڊيڪل سميت مختلف کاتن ۾ مقررين جي لاءِ جيڪي لکت وارا امتحان ۽ انٽرويو ورتا ويا تن ۾ اهليت جو قتل ڪيو ويو آھي، جنھن خلاف سنڌ جي متاثر نوجوانن پاران عدالتن ۾ پٽيشنون داخل ڪري احتجاج پڻ ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سياف ھڪ شاگرد تنظيم هجڻ ناتي ميرٽ جي لتاڙ کي سنڌ جي حال توڙي مستقبل جو حساس ۽ سنجيده مسئلو سمجهندي ايس پي ايس سي کي ڪرپٽ ادارو سمجهندي ان خلاف سگھاري جدوجھد جو اعلان ڪري رهي آهي. تحريڪ جي پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن توڙي پريس ڪلبن سامهون تي احتجاجي ڪئمپس قائم ڪيون وينديون. جنھن ۾ 9 سيپٽمبر تي سنڌ يونيورسٽي، 10 سيپٽمبر ايگري ڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، 11 سيپٽمبر بدين، 12 سيپٽمبر زرعي يونيورسٽي ڪئمپس عمرڪوٽ، 13 سيپٽمبر لاڙڪاڻو، 15 سيپٽمبر نوابشاهه، 18 سيپٽمبر ميرپور ماٿيلو ۽ 20 سيپٽمبر ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي ويندي ۽ جدوجھد جي ٻئي مرحلي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد آفيس سامهون احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو