انڊونيشيا ۾ حڪمران اشرافيه خلاف شاگردن جي تحريڪ جاري

جڪارتا(عوامي آواز نيوز)انڊونيشيا ۾ هزارين شاگردن پارليامينٽ جي ٻاهران احتجاج دوران پوليس سڌارن ۽ تشدد واري ڪاررواين جي آزادانه جاچ جو مطالبو ڪيو آهي۔جڪارتا ۾ شاگرد يونينز جي نمائندن جي ايوانن جي ميمبرن سان ملاقات دوران ڊپٽي اسپيڪر حڪومت سان گڏ هڪ ميٽنگ جي تجويز ڏني هئي، پر ان تي اڃا تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي۔گذريل هفتي پوليس جي تشدد ۽ سرڪاري خرچن خلاف شروع ٿيل مظاهرا سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويا آهن، جن ۾ اڄ تائين گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.