جيئن اسان وٽ ٻه پاڪستان آهن، هڪ غريب ٻيو امير، غريب پاڪستان ان لاءِ ته جيئن پنڻ ۾ ڪم اچي ۽ دنيا کي ڏيکاري سگهن ته اسان جا ماڻهو ڪڏهن زلزلي ۾ ته ڪڏهن دريائي ٻوڏن ۾ ته ڪڏهن برساتن ۾ ته ڪڏهن غربت ۾ ته ڪڏهن ڪرونا جي وگهي، ٻين وبائن جي ڪري ۽ ڪڏهن سوڪهڙي جي ڪري مري ٿا وڃن، ان ڪري انهن غريب ماڻهن جي حالتِ زار ڏيکاري بهترين طريقي سان پني به سگهجي ٿو، (جيڪو اسان پئي ڏٺو آهي) ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين ڊالرن جي امداد ملي، پر غريب ماڻهن ۽ ٻوڏ ستايل اٻوجهن مان 40 سيڪڙو ماڻهن تائين به مشڪل سان پڳي هوندي. ان ڪري جو جيڪڏهن هڪ ڪروڙ ماڻهو ان ٻوڏ ۽ ٻڏا لڙهيا به هوندا ته به انهن لاچار ماڻهن تائين اهي امدادي سامانَ سو سيڪڙو نه پڳا هوندا، يا جيڪي امدادي سامانن سان نوازيا ويا هوندا اهي ٻوڏ متاثر نه هوندا (جيڪي سوشل ميڊيا جي توسط سان روز پيا پئي ڏٺاسين ته ڪيئن تر جا وڏيرا اهي سامان پنهنجن پنهنجن گودامن ۾ لڪايون ويٺا هيا) يا ان اڻ ڏٺي ٻوڏ جي عذاب تَتو ڪيترائي ماڻهو ته ڳوٺ، شهر، آباديون ۽ وسنديون ڇڏي وڃي ٻين محفوظ جاين تي ٽڪيا هوندا. انهن وقتي پناھ به ورتي هوندي ته جيئن زندگي بچائي سگهجي.
وري اسان وٽ ان ترقي يافتا پاڪستان ۽ ترقي پزير پاڪستان کان علاوه ٻيا عذاب به آهن، جن مان ڊزاسٽر مينيجمينٽ به هڪ آهي. معني رڳو فون سروس جي حد تائين يا رڳو آفيسن ۾ ويٺل ماڻهن جي لپ سروس حد تائين، جو انهن جي عملي جو فيلڊ ۾ ڪو ڪم ناهي. انهن وٽ ڊزاسٽرمينيجمينٽ جي بچاءَ جا اهي پيغام رڪارڊ ٿيل هوندا آهن ته اڄ هيترو مينهن وسندو يا اڄ طوفان ايندو، ان ڪري پنهنجو بچاءُ ڪيو. هاڻي ڪير اهو سمجهائي ته ان گهڙي ۾ بچاءَ ڪيئن ڪجي يا ڇا ڪجي؟ باقي ان ڊزاسٽرمينيجمينٽ جو ڪو عملي ڪم ۾ ناهي هوندو، ڇو ته نه حڪومت وٽ زلزلي اچڻ جي ڪري ريهيبيليٽيشن جو ڪو ساراھ جوڳو عمل هوندو آهي، نه انهن ادارن وٽ ستايل ماڻهن کي وقت سر پناھ ڏيڻ جو ڪو طريقو موجود هوندو آهي، نه ماڻهن کي حفاظتي جاين تي پهچائڻ جو ڪو جوڳو بندوبست به هوندو آهي. مثال ان ڊزاسٽرمينيجمينٽ کي ڪنهن به ٻوڏ ستايل ماڻهن وٽ موجود نه ڏٺو هوندو يا ڪير شاهدي به نه ڏئي سگهندو، يا انهن ڊپارٽمينٽ جو 2010 ۾ ٺهڻ جو ڪارج ڪهڙو هيو؟ جنهن ڪجهھ نه ڪيو جڏهن ته ٽينٽ، کاڌ خوراڪ، دائون، ٽرانسپورٽيشن ڏيڻ ان اداري جو اولين ڪم هيو.
يا وري آبپاشي کاتي جي نااهلي آهي، يا اها دعوي به ڌوڙ آهي ته پاڪستان ۾ ايريگيشن جو زبردست نظام موجود آهي. پر 2022 ۽ 2010 وارين بارشن ۾ ته سڀني جا پول پڌرا ڪيا ته اهي ڪيئن قابلِ اعتبار به هيا (يا آهن). ان ڪري جو جڏهن بارشون ٿين ٿيون ته سڀ کان وڌيڪ نقصان ڪري ٿيون وڃن. ان ڪري جو آبپاشي کاتي وارن کي اها ڄاڻ ناهي هوندي ته اهي نديون، نالا، ڍورا، ڍنڍون درياهن جا وهڪرا ڪٿي دنگ ڪندا، جو پاڻي آساني سان هڪ جاءِ تان نڪري ٻي جاءِ تي ڇوڙ ڪري ۽ ڪو نقصان نه ڪري. پر هنن ته ابتي گنگا وهائي جو هڪڙي آبادي کي بچائڻ جي لاءِ وري ٻي آباديءَ کي ٻوڙي رکين. هڪڙن ماڻهن کي بچائي ٻين کي مارائي ويهي رهيا. هنن اهو سمجهيو ته زيرو پوانٽ جي ٽٽندي ته يا ڪٽ ڏبس ته پاڻي زمين پي ويندي ۽ ماڻهن جو نقصان نه ٿيندو. هنن کي اها به ڄاڻ نه هئي ته حمل نديءَ جو پاڻي ڪاڏي وهائجي يا منڇر ۽ ڪينجهر جي ڀرجي وڃن ته دانستر واھ ڪاڏي وهائجي يا پاڻيءَ جو نيڪال بهتر ڪيئن ڪجي، پاڻي ڪاڏي ڪڍجي جو اڳيان ڪنهن شهر کي نقصان نه ڏئي.
پر ڳالھه اها به آهي ته اسان تي جڏهن مشڪل گھٽجي ٿي يا تڪليفون گھٽجن ٿيون ته اسان وري ساڳي جاءِ تي يا ڪنهن بزنس مين واري ڳالهھ ته جڏهن اهو پنهنجي ٽيم سان سمنڊ جي طوفان ۾ ڦاٿو تڏهن ماڻهن زور ڀريس ته ڪجھه باس ته الله من عذاب جهڪو ڪري، پوءِ ماڻهن جي زور تي هن کڻي ڪنڌ تي ڪاتي سمجهي ڪجهھ باسيو ۽ چيائين ته مان پنهنجا ٻه دوڪان الله جي نالي تي ڏئي ڇڏيا ۽ هن جي ان چوڻ سان طوفان ٽري ويو پر جڏهن هنن ڏٺو ته هاڻي ڪناري تي پڳا آهيون ته ان واپاري ماڻهن کي چيو هاڻي ته جان ڇٽي وئي هاڻي ڇاجي باس، ته اتي وري طوفان وري آيو ۽ واپاري مٿي آسمان کي ڏسي چيو ته الله سائين مون ته مذاق پئي ڪئي، ته اسان واري سرڪار ۽ عام خلق جي به ساڳي ڳالھ آهي ته رڳو طوفان ٽري، بارش جو پاڻي لهي، ته اسان وري فصل ڪري وٺنداسين، سرءُ جا فصل ۽ تيلي ٻج هڻي وري زندگي اتان کان شروع ڪنداسي جي ختم ٿي هئي.
هاڻي ان سڄي تناظر ۾ ”پرو ايڪٽو“ ۽ ”ري ايڪٽو“ ٻه الڳ الڳ ”اپروچز“ آهن، جنهن ۾ جيڪڏهن اسان ”پرو ايڪٽو“ هجون ته سڀ شيون اڳواٽ ڪري وڃون، معني سسٽم بهترين ڪيون، ماڻهن جي زندگي محفوظ بڻايون، ماڻهن تائين زندگيءَ جون اهي بنيادي شيون پڄايون، جنهن ۾ بجليءَ جا ٿنڀا ماڻهن جي اجل جو سبب نه بڻجن، ان ڪري ته هوا جي زور تي ٿنڀا ته پاڙئون پٽجي ٿا پون، پر ان جي ڀيٽ ۾ جيڪي ٿنڀا سيليولر (موبائيل) ڪمپنيون هڻن ٿيون، اهي پاڙون نه ٿا پٽجن، اهي گهڻي ڀاڱي صحيح سلامت هجن ٿا. ان ڪري جو انهن جا انفرا اسٽرڪچر بهترين هجن ٿا. اها ڳالھ به ڪري سگهجي ٿي ته جڏهن 220 وولٽيج واري بجلي اسان جي حق ۾ بهتر ناهي ۽ 110 بجلي هلائي سگهجي ٿي، جنهن جون تارون زمين جي اندر پوري هلائي سگهجن ٿيون، جنهن ۾ بجليءَ جا ٿنڀا نه ٿا بيهارڻا پون، تارون ڪڏهن به نقصان نه ٿيون پڄائن، بجلي جي وولٽيج به گھٽ هجي ٿي، جنهن ۾ نقصان جا انديشا به گھٽ هجن ٿا، شارٽ سرڪٽنگ نه ٿي ٿئي، ته پوءِ اهي سسٽم هلايا وڃن، جنهن ۾ نقصان گھٽ ٿين. پر اسان هر شيءِ ۾ ”پرو ايڪٽو“ ناهيون، نه ئي اسان آبپاشي جا نظام بهتر ڪري سگهيا آهيون، نه اسان دريائي پاڻيءَ کي بهتر رستا ڏنا آهن، نه اسان دريائي پاڻي جا وهڪرا بهتر ڪيا آهن. ان ڪري جو جڏهن ٻوڏن اچن ٿيون تڏهن اسان جا ڪَنَ کلن ٿا يا اکيون ڦاڙي ويهون ٿا. ان ڪري ته اسان کي اها خبر ناهي ته حمل ڍنڍ جو پاڻي وڌي ته ڪاڏي وڃي، يا منڇر ڍنڍ جي پاڻي کي رستو ڪيئن ڏيون يا ڪينجهر ڍنڍ جي ٽوڙبي يا ڪٽ ڏبس ته پاڻي وڃي ڪاٿي پڄندو. ان ڪري جو اسان ”پرو ايڪٽو ايپروچ“ نه ٿا رکون، اسان کي نقصان جا انديشا نه ٿا هجن، پر اسان ”ري ايڪٽو“ وڏا آهيون. مثال شيون ٿي بس ٿين ته پوءِ انهن جا اپاءَ به وٺنداسين، انهن جي منهن ڏيڻ جي لاءِ فضائي دورا ڪري، اهو ڏسنداسين ته غريب، اٻوجهھ، لاچار، بي يارومددگار ماڻهو ڪيئن ٿا تڙپن، ڀلي ان شيءِ کي ”نيوٽرلائيز“ نه ڪيون ته سڀ جا سڀ بارش ۾ دربدر ٿيا هيا يا ڪيا ويا هيا. پر گھڻي ڀاڱي ماڻهن کي شهرن مان نڪرندڙ پاڻي ٻوڙيو جو اتر کان جيڪو به بارش جو پاڻي لٿو، ان ته ڏاکڻيان حصا ٻوڙيا، جيڪو پاڻي حمل ڍنڍ، گاج ڍنڍ، جوهي يا دادو جي سِڌَ تي آيا، اهي ڏچي ۾ ڦاسي پيا، جو پاڻي هڪ کي ٻوڙي وري ٻئي کي ٻوڙيو. ان ڪري دنيا جي (خاص ڪري ٽين دنيا جي ماڻهن کي) غريب ملڪن ۾ 90 سيڪڙو تباهي رڳو فليش فلڊ جي ڪري ٿئي ٿي، جنهن ۾ اتان جا آبپاشي جا کاتا ڪجھ نه ڪري سگهيا. مثال ائين جي نااهل ۽ بيڪار ماڻهو ٻين ادارن ۽ شعبن ۾ هجن هان ته انهن سان ڪهڙو حشر ٿئي هان.
پر ڳالهھ هتي اها به آهي ته آبپاشي وارا ٻارهو ئي ستل هجن ٿا، اهي ڊيوٽي تڏهن ٿا ڪن جڏهن رائيس ڪينال ۾ پاڻي ڇوڙ ٿو ڪري، جڏهن دادو ڪينال ۾ پاڻي وهايو ٿو وڃي، کيرٿر ڪينال ۾ پاڻي اچي ٿو يا جڏهن ڪينجهر ڍنڍ ڀرجي ٿي تڏهن اهي اگهور ننڊ مان اٿي کڙا ٿا ٿين. ان ڪري ان شعبي تي وڌيڪ ڪم ۽ سجاڳي جي ضرروت آهي، جي انهن کانسوا ڪم هلائجي ته پوءِ ڪنهن تي ميار ناهي، پر ماڻهو بجلي جي ڪوتاهي ان کاتي ڏي ئي ڀائيندا يا گيس جي گھٽتائي به ان شعبي ڏي ڀائيندا، پر ٻوڏ خدائي آ، ان ڪري جيڪي به شعبا آهن اهي پنهنجن پنهنجن ڪمن ۾ فعال ڪيا وڃن ته بهتر آ. ان ڪري جو انساني زندگي يا معاشرتي ترقي رڳو انهن ادارن سان به سلهاڙيل آهي ته ٽائيم تي بجلي هجڻ سان ڪيترائي ڪاروبار ممڪن هجن ٿا، گيس جي هجڻ سان ماڻهن جي زندگي جو ڪارو وهنوار هلي ٿو، تيئن ئي آبپاشي به زرعي سيڪٽر کي هلائي ٿي، جنهن جي فعال هجڻ، مهل تي ڪم ڪرڻ سان زرعي سيڪٽر به بچائي سگهجي ٿو. پر ماضيءَ ۾ جيتري تباهي ٿي، ان ۾ آبپاشي کاتي جو به برابر جو حصو هيو. پر ان جاءِ تي انڊيا سميت ٻين ترقي يافتا يا ترقي پذير ملڪن ۾ به سطحي پاڻي يا بارشي پاڻيءَ کي مشينن جي ذريعي زمين اندر موڪلي سگهجي ٿو، ۽ فليش فلڊ جي سبب جيڪي اڻ ڳڻيا نقصان ٿين ٿا، اهي گھٽائي سگهجن ٿا. ان ڪري آبپاشي کاتي کي اهڙن ڪمن ۽ تحقيقن ۾ به اچڻ گهرجي ۽ اهي انجنيئر به انهن علمن سان سرفراز ڪيا وڃن ته جيئن انساني زندگي بچائي ۽ محفوظ ڪري سگهجي.