پاڪستاني سماج ۾ عورت جي حيثيت هميشه ان سوال هيٺ رهي آهي ته ڇا هوءَ هڪ آزاد انسان آهي يا سندس حيثيت فقط هڪ صنف واري آهي جيڪا گهر جي چوديواري، نام نهاد عزت، غيرت ۽ خاموشي تائين محدود رکيل آهي؟ جڏهن ته آئيني، مذهبي، ۽ انساني بنيادن تي عورت کي مرد جي برابر حق حاصل آهن ۽ هجڻ به گھرجن، پر عملي طور تي عورت کي هڪ اهڙي مصنوعي ڪردار ۾ واڙيو ويو آهي، جنهن ۾ عورت تي فرض مقرر ڪيل آهن جڏهن ته حق فقط مرد کي مليل آهن جيڪي به عورت کي ئي پورا ڪرڻا هوندا آهن. هي سماجي متڀيد وارو ڍانچو معاشري ۽ انصاف جي عمل تي سوال اٿاري ٿو. انصاف جي ڳالهه ڪجي ته مذهبن خاص ڪري اسلام کان وٺي انساني حقن جي عالمي اعلانيي تائين عورتن کي برابري جي ضمانت ڏني وئي آهي. پر، برصغير جي جاگيرداري نظام سميت بنياد پرستي، ڪٽنب پرستي، قبائليت، پدرشاهي ۽ مرداڻن مفادن تي ٻڌل تفسيرن هڪ اهڙي نظام کي جنم ڏنو، جنهن ۾ عورت جو وجود مرد لاءِ ذاتي ملڪيت، خادميت، ۽ خاموشي جو استعارو بڻجي ويو.
پاڻ ان سماج جي پيداوار آھيون جتي جڏهن ڇوڪري ڄمندي آهي ته ان کي مبارڪباد ڏيڻ بدران افسوس جو اظهار ڪيو ويندو آهي. جڏهن اها اسڪول ويندي آهي ته خاندان جي عزت کي خطرو ۾ وجهڻ جا الزام تراشيندا آهيون. جڏهن وري اها ڪنهن خواب جي پيروي ڪندي ڪجهه حاصل ڪرڻ چاهيندي آهي ته ان جون خواهشون شڪ هيٺ دٻايون وينديون آهن. جڏهن اها نوڪري ڪندي آهي ته ان جي ڪردار تي سوال اٿاريا ويندا آهن. جڏهن اها پاڻ لاءِ آواز بلند ڪندي آهي ته ان کي بي شرم، بي ادب، ۽ باغي چئي لاتعلق بڻائي ڌڪاريو ويندو آهي. ايڪيهين صدي جي هن جديد دور ۾ به پاڪستان جي گهڻن حصن ۾ اڄ به عورت جو غيرت جي نالي تي قتل وڏي فخر سان ٿي رهيو آهي. عورت جي منشا ۽ مرضي ظاهر ڪرڻ کي وري “اخلاقي بحران” چئي دٻايو ويندو آهي.
سڌريل سماجن ۽ ايتريقدر جو مذهبن جهڙوڪ اسلام ۾ عورتن کي ميراث، تعليم، نوڪري ڪرڻ، ۽ مرضي موجب نڪاح ڪرڻ جي مڪمل آزادي ڏنل آهي. پر پاڪستان ۾ ضياءَ الحق جي آمريت واري دور کان وٺي اهڙيون تشريحون سامهون آيون جن ۾ عورت لاءِ پابنديون ويتر وڌايون ويون، ۽ مردن کي محافظ، قاضي، ۽ مالڪ طور پيش ڪيو ويو. ھن عمل سان نه فقط عورت جا بنيادي حق دٻايا ويا، پر مذھب کي به مرداڻي مفادن لاءِ استعمال ڪيو ويو. نتيجي ۾ عورتن جي آزادي تي بي تُڪي ڇُسِي تنقيد جا پٿر وسايا ويا ايتريقدر جو عورت جي لباس، آواز، مسڪراهٽ، ۽ راءِ تي به مرد پاران اعتراض وارڻ معمول بڻجي ويو.
پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 25 تحت مرد ۽ عورت کي برابر شهرين قرار ڏنل آهي، پر ساڳئي وقت قانون گروهي مفادن جي ور چڙهي صنفي تفريق کي پڻ هٿي ڏئي ٿو، جنهن سبب عورت جي حقيقي آزادي محدود ٿئي ٿي. مثال Hudood Ordinance، شهادت جا قانون ۽ گهريلو تشدد خلاف موجود قانونن جو غيرموثر هجڻ، ان حقيقت جو ثبوت ڏين ٿا ته جتي مرد کي وڌيڪ تحفظ ۽ حق ملن ٿا، اتي عورت لاءِ صبر، حيا، ۽ فرمانبرداري تجويز ڪئي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ هن ٻهروپيي سماج جي اهڙي ٻٽي نظامِ انصاف تي عورت ڪيئن ويساهه ڪندي؟ قانون ۾ موجود هن کليي تضاد ۽ تفريق ڏسڻ کان پوء ڪهڙي انصاف جي اميد ڪري سگهندي؟
معاشري جو اهڙو سرشتو جنهن ۾ عورت رڳو گهر سنڀالي، ٻار ڄڻي، مڙس جي خدمت ڪري، ساهرن وٽ استحصال جو ذريعو بڻجي، خاموشي سان جبر جون هر صورتون برداشت ڪري، ذاتي خواهشون قربان ڪري، ۽ مرضي جي شادي جي خواهش کان به محروم رهي، اهڙي نظام سچ ته عورت لاءِ ٻوجهه، ۽ مرد لاءِ اختيار ثابت ٿئي ٿو. وري جڏهن عورت ان ٻوجهه کان نابري واري مزاحمت ڪندي ته مرداڻو سماج کيي بي شرم، مغربي يا بدڪردار جا لقت نوازي سندس لڄ تي حملي آور ٿيندو جيئن نام نهاد مرد کان سندس اختيار نه کسجن.
تعليم تي عورتن جو بنيادي حق هجڻ باوجود اڄ به سنڌ، بلوچستان، ۽ ڪي پي ڪي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ تعليمي ادارن جي اڻاٺ سميت غير محفوظ عورت دشمن ماحول، توڙي خانداني مخالفتن سبب لکين ڇوڪريون تعليم پرائڻ کان محروم آهن. پٺتي پيل علائقن مان يونيورسٽيءَ تائين پهچندڙ ڇوڪري جي ڪردارڪشي وسيلي رسته روڪ وارو طريقو اڄ به عام ملي ٿو. ٻيو وري پٺتي پيل علائقن مان جيڪي ڇوڪريون ادارن ۾ جيئن تيئن ڪري پهچي به ويون سي وري وحشي استادن توڙي انتظاميه جي عتاب کان شايد ئي بچي سگهن، اتان بچي ويون ته وري کين نوڪري جي اجازت نه ملڻ جا مسئلا جهلڻا پوندا. نوڪري جي اجازت ملي وئي ته گهڻين عورتن کي پيشي واري جڳهه تي هراساني، گهٽ اجرت ملڻ، يا ترقيءَ ۽ ھنر جي موقعن کان محروم رکڻ وارا انيڪ مسئلا روزمره جي زندگي جو حصو بڻيل هوندا جن جو سڌو سنئون تعلق پدرشاهاڻو سماج آهي جنهن ۾ مرد پاڻ کي عورت کان مٿانهون ۽ وڌيڪ اختيار توڙي طاقت وارو سمجهي ٿو.
واري جيڪي ٿورا گهڻا عورت دوست قانون موجود آهن ته عدالتون جوڳو رليف نه ٿيون ڏين. مثال عورتن سان ٿيندڙ تشدد، جنسي زيادتي، قتل، ۽ ڪارو ڪاري جي ڪيسن ۾ عدالتون اڪثر شاهد نه هجڻ، صلح ٿي وڃڻ، يا مقتول يا مدعي عورت جي ڪردار تي سوال اٿاري، مجرم کي بچائين ٿيون. ان طرح عدالتي نظام پڻ پدرشاهاڻي روش کي نه صرف برقرار رکي ٿو پر عورت جي بنيادي انساني حقن جي به پائمالي ڪري ٿو. ان ڏس ۾ هيٺ ڪجهه تجويزون ڏجن ٿيون:
- قانوني سڌارا: عورتن جي خلاف ٿيندڙ تشدد، ورڪ پليس تي هراساني، ۽ برابري جي بنيادن تي نوان قانون نه صرف جوڙيا وڃن پر سختي سان لاڳو پڻ ٿيڻ گهرجن. ان سان گڏوگڏ موجوده قانونن تي پڻ سختي سان عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي.
- بيداري ۽ سجاڳي: اسڪولن، ڪاليجن، ۽ يونيورسٽين جي نصاب ۾ صنفي برابري، عورتن جي حقن، ۽ عورت جي برابر حيثيت بابت سڌارا آڻڻ گهرجن.
- غيرجانبدار مذھبي تشريح: مذھب کي مرداڻي مفادن لاءِ نه، پر حقيقي انساني اخلاقي اصولن تحت جيئن جو تيئن استعمال ٿيڻ گهرجي. مذھب جي نالي تي عورت کي ڪمزور نه، بلڪه ذميوار ۽ بااختيار سمجهڻ گهرجي.
- عدالتي ڍانچي ۾ عورتن جي نمائندگي: عورت ججن ۽ قانوندانن جي نمائندگي وڌائڻ، خصوصي عورت عدالتن جو قيام، ۽ شڪايتن جي ترت توڙي محفوظ راهه فراهم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.
- سماجي ۽ سياسي نمائندگي: عورت ڪوٽا کان علاوه حقيقي سماجي ۽ سياسي نمائندگي ڏيڻ لازمي آهي ته جيئن هوءَ پنهنجي حقن لاءِ پاڻ ڳالهائي سگهي.
- عورت ڏانهن ميڊيا جو ذميواراڻو رويو: ڊرامن، فلمن، ۽ پرنٽ توڙي ڊجيٽل ميڊيا ۾ عورت کي مظلوم، قربانيءَ جي مورتي طور نه، بلڪه ذهين، باشعور، ۽ فيصلا ڪندڙ طور ڏيکارڻ جي به گهڻي اهميت ۽ ضرورت آهي.
صنفي برابري فقط نعرو نه، پر هڪ سماجي ضرورت آهي. جڏهن سماج ۾ عورتن جي حيثيت ۽ حقن بابت سوال اٿي ٿج ته اهو ڪنهن مخصوص صنف جي خلاف نه، بلڪه ان سماج جي بهتر تشڪيل لاءِ هوندو آهي جيڪو عدل، امن، برابري ۽ ترقي جو متلاشي آهي. عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ ڪنهن مرد جي مخالفت نه، پر انسانيت جي تڪميل آهي. جڏهن هڪ ڇوڪريءَ جي مرڪ کي غيرت مخالف سمجهيو وڃي، جڏهن عورت جي خواهش کي فتني جو نالو ملي، ۽ جڏهن بي زباني ۽ خاموشي کي وفاداريءَ جو درجو ڏنو وڃي ته سمجهڻ کپي ته هي رڳو قانونن جي نه، پر سوچن جي جنگ آهي. انهيءَ جنگ ۾ مردن کي حاڪم نه، ساٿي ۽ ھمدرد بڻجڻو پوندو، مائرن کي ڌيئرن ۾ سڪ کان اڳ شعور جا ٻج پوکڻا پوندا، ۽ استادن کي ڪتابن سان گڏ زندگيءَ جا سبق به بدلڻا پوندا. ليکڪن کي عورت کي ساهه واري سهڻي تصوير نه، بلڪه جُهُد جي حسين صورت طور پيش ڪرڻو پوندو. ڇو ته پددرشاهي جو خاتمو فقط قانونن سان نه، پر سماجي شعور، نصابي تبديلين, بھتر تعليم ۽ عورت جي بيداري سان ممڪن آهي. عورت جي آزادي ڪا تحفو نه، بلڪه ان جو فطري، انساني، ۽ آئيني حق آهي. جيستائين عورت جي اها آزادي هر گهر، هر ذهن، ۽ هر ادارو نه ٿو مڃي، تيستائين سماج ترقيءَ جو رڳو خواب ئي ڏسي سگهي ٿو.
صنفي برابري فقط نعرو نه، پر هڪ سماجي ضرورت آهي. جڏهن سماج ۾ عورتن جي حيثيت ۽ حقن بابت سوال اٿي ٿج ته اهو ڪنهن مخصوص صنف جي خلاف نه، بلڪه ان سماج جي بهتر تشڪيل لاءِ هوندو آهي جيڪو عدل، امن، برابري ۽ ترقي جو متلاشي آهي. عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ ڪنهن مرد جي مخالفت نه، پر انسانيت جي تڪميل آهي.