اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد، خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا سخت لوڏا محسوس ڪيا ويا.
اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته پشاور، اپر دير، لوئر دير، مالاڪنڊ، باجوڙ، نوشهرا، هنگو ۽ ڪوهاٽ ۾ به زلزلو آيو.
مانسهرا، ايبٽ آباد، سوات، چارسدا، پارا چنار ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
ملتان، اٽڪ، ميانوالي، چڪوال، تله گنگ، ڪلر ڪهار، چنيوٽ، ڀڪر ۾ به زلزلو آيو.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.9 ۽ اونهائي 111 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، ان جو مرڪز هندوڪش ريجن افغانستان هو.
زلزلي جي لوڏن سبب ماڻهو خوف وچان ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن مان نڪري آيا.
Next Post
You might also like