بيجنگ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ چين جي وزيراعظمن جي ملاقات ۾ جوائنٽ ايڪشن پلان تي اتفاق ڪيو ويو آهي، جنهن تحت چين ۽ پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.
بيجنگ ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي چيني هم منصب سان ملاقات جي پڌرائي جاري ڪئي وئي، ملاقات ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير به شريڪ هو.
پڌرائيءَ موجب چين ۽ پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا، چين دهشتگردي جي خاتمي لاءِ صلاحيتون وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي مدد ڪندو، ٻئي ملڪ پاڪستان ۾ چيني اهلڪارن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت يقيني بڻائيندا.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته 5 نون ڪوريڊورز سميت سي پيڪ ٽو کي تيز ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، گوادر پورٽ جلد آپريشنل ڪرڻ تي به زور ڏنو ويو، قراقرم هاءِ وي ۽ ريلوي پراجيڪٽ مين لائن ون جي ري الائنمينٽ تي به اتفاق ٿيو.
پاڪستان ۽ چين جو دهشتگردي خلاف گڏجي ڪم ڪرڻ، سي پيڪ فيز ٽو کي تيز ڪرڻ تي اتفاق
You might also like