سپريم ڪورٽ بار جو سياسي جماعتن کي بلوچستان جي امن لاءِ گڏ ٿيڻ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ميان رئوف عطا بلوچستان ۾ ٿيندڙ حملي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته صوبو خطرناڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي، سپريم ڪورٽ ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته بلوچستان ۾ بدامني وڌي رهي آهي، جنهن جا اثر هر شعبي تي پئجي رهيا آهن، ڪاروبار به متاثر ٿي رهيو آهي، رئوف عطا چيو ته بلوچستان ۾ زميني رستا تقريبن بند ٿي ويا آهن ۽ هوائي سفر ايترو مهانگو ٿي ويو آهي جو هڪ ٽڪيٽ 70 هزار رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، هن سول اي وي ايشن اٿارٽي کي به ڦرلٽ روڪڻ جي هدايت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، هن چيو ته بلوچستان ۾ ڪرپشن ۽ بدانتظامي عروج تي آهي، تربت ۾ فورسز جا پنج جوان به شهيد ٿيا، جيڪو اسان سڀني لاءِ نقصان آهي، گهرو وزير کي اپيل آهي ته بلوچستان ۾ ڪيمپ آفيس قائم ڪري ماڻهن سان رابطو ڪيو وڃي، سياسي قيادت کي بلوچستان جي حقيقي فيصلا ڪندڙ ڌرين سان ڳالهاڻو پوندو، ڇو ته مفاهمت کان سواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، ايندڙ هفتي وزيراعظم سان ملاقات جي ڪوشش ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.