عمران خان ۾ ورٽيگو ۽ ٽينائٽس جي سڃاڻپ جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو) باني پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي جيل ۾ ٿيل طبي معائني دوران هن ۾ ٻن بيمارين ورٽيگو (Vertigo) ۽ ٽينائٽس (Tinnitus) جي سڃاڻپ ٿي آهي، راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت گذريل مهيني جيل انتظاميا کان عمران خان جي طبي رپورٽ طلب ڪئي هئي، جيڪا هاڻي عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي، رپورٽ موجب عمران خان کي ورٽيگو ۽ ٽينائٽس جون ڏکيائيون پيش اچن پيون، جڏهن ته ماهرن جو چوڻ آهي ته عمران خان شديد ڊپريشن ۾ به مبتلا آهي، برطانوي اخبار جي رپورٽ موجب ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيتوڻيڪ هي ٻئي بيماريون پاڻ ۾ تمام گهڻيون خطرناڪ نه آهن، پر اهي ڪنهن وڏي بيماري جي شروعاتي علامتون به ٿي سگهن ٿيون، ٻنهي بيمارين جو دماغي صحت سان سڌو تعلق آهي ۽ ڪجهه خاص حالتن ۾ اهي وڌيڪ پيچيده بيمارين جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، ماهرن ٻڌايو ته ورٽيگو، جنهن کي طبي ٻولي ۾ بنائن پوزيشنل پيراڪسسمل ورٽيگو (BPPV) چيو ويندو آهي، دماغي صحت سان جڙيل آهي، هن بيماري ۾ متاثر ماڻهو کي چڪر اچن ٿا، خاص طور تي جڏهن هو اُٿڻ، ويهڻ يا حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته کيس اهڙو محسوس ٿئي ٿو ڄڻ هو توازن وڃائي ڪري ڪري پوندو.

  1. عليما خان جي پٽ شاهه ريز کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

لاهور(بيورو) اي ٽي سي لاهور جناح هائوس حملي واري ڪيس ۾ عليما خان جي پٽ شاهه ريز خان جي ضمانت جي درخواست منظور ڪري ڇڏي، جج منظر علي گل ضمانت جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو، جنهن بعد فيصلو ٻڌائيندي درخواست منظور ڪئي ۽ شاهه ريز جي آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، شاهه ريز جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته شاهه ريز تي الزام لڳايو ويو ته هن ڪارڪنن کي ڀڙڪايو، هر شخص جي جيو فنسنگ به ڪئي وئي، پر شاهه ريز خلاف ڪو به ثبوت موجود نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.