انسان 150 سالن تائين زندهه رهي سگهي ٿو،چيني ۽ روسي صدر ۾ ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ٿي وئي

بيجنگ(م ڊ) چين جي صدر شي جن پنگ ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن جي وچ ۾ انسان جي 150 سال تائين جيئرو رهڻ بابت ڳالهيون رڪارڊ ٿي ويون، خبر موجب، اربع (3 سيپٽمبر) تي جڏهن روسي صدر ولاديمير پيوٽن، چيني صدر شي جن پنگ سان ڪلهو ڪلهي ۾ هليو پئي تڏهن هڪ هاٽ مائيڪ انهن جي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪري ڇڏي، جنهن ۾ ٻئي صدر انساني عضون جي پيوندڪاري ۽ انسانن جي 150 سال تائين زنده رهڻ جي امڪان تي ڳالهائي رهيا هئا، جڏهن ولاديمير پيوٽن ۽ شي جن پنگ تيانانمن اسڪوائر جي مرڪزي اسٽيج ڏانهن وڌي رهيا هئا، تڏهن روسي صدر جي مترجم کي چيني ٻوليءَ ۾ اهو چوندي ٻڌو ويو ته بائيو ٽيڪنالاجي لڳاتار ترقي ڪري رهي آهي، هڪ غير واضح حصي کان پوءِ مترجم وڌيڪ چيو ته انساني عضوا لڳاتار ٽرانسپلانٽ ڪري سگهجن ٿا، جيترو وڌيڪ اوهين جيئرا رهندا آهيو اوترو ئي گهٽ عمر جا نظر ايندا آهيو ۽ (اوَهين) شايد امر به ٿي سگهو ٿا، جواب ۾، چيني صدر، جيڪو ڪئميرا تي نظر نه پئي آيو، کي چيني ٻوليءَ ۾ اهو چوندي ٻڌو ويو ته ڪجهه ماهرن جو اندازو آهي ته هن صديءَ ۾ انسان 150 سال تائين زنده رهي سگهن ٿا، ڪِم جونگ اُن کي مرڪندي ڏٺو ويو جڏهن هو ولاديمير پيوٽن ۽ شي جن پنگ ڏانهن ڏسي رهيو هو، چيني اداري سي سي ٽي وي جي وڊيو ۾ ولاديمير پيوٽن جي روسي ٻوليءَ ۾ ڪا به صاف آواز ٻڌڻ ۾ نه آئي، بعد ۾ پيوٽن هن ڳالهه جي تصديق ڪندي چيو ته سندن چيني صدر سان هن موضوع تي ڳالهه ٿي هئي، روسي صدر بيجنگ ۾ صحافين کي چيو ته منهنجو خيال آهي ته جڏهن اسين پريڊ ڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته چيئرمين هن موضوع تي ڳالهايو هو، هن چيو ته صحت کي بهتر ڪرڻ جا جديد ذريعا، طبي طريقا، جهڙوڪ عضون جي تبديلي سان لاڳاپيل جراحي طريقا به انسان کي اها اميد ڏياري سگهن ٿا ته فعال زندگي اڄ جي ڀيٽ ۾ مختلف انداز ۾ جاري رهي سگهي ٿي، چين جي پرڏيهي وزارتِ ۽ سي سي ٽي وي رائٽرز جي درخواست تي ڪو به ردِعمل ظاهر نه ڪيو.

چيني صدر پاران پيوٽن ۽ ڪم جونگ سان گڏجي طاقت جو مظاهرو

بيجنگ (عوامي آواز نيوز) چين ٻي عالمي جنگ ۾ فتح جي 80 هين سالگره جي موقعي تي ٿيل پريڊ ۾ ٻارڻ سان هلندڙ جديد بين الاقوامي حڪمت عملي واري جوهري ميزائل DF-5C کي پهريون ڀيرو عوام اڳيان پيش ڪيو، چيني ميڊيا موجب هي نئون ميزائل پنهنجي غير معمولي حدف تائين پهچڻ واري صلاحيت سبب سڄي دنيا ۾ ڪنهن به هنڌ کي نشانو بڻائي سگهي ٿو، ان جي حد 20 هزار ڪلوميٽر کان به وڌيڪ آهي، چيني صدر شي جن پنگ اربع ڏينهن ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي فوجي پريڊ جي موقعي تي دنيا کي خبردار ڪيو ته انسانيت امن ۽ جنگ جي وچ ۾ هڪ فيصلائتي چونڊ جي ڪناري تي بيٺي آهي، ان موقعي تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن، اتر ڪوريا جو صدر ڪِم جونگ اُن ۽ پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف به موجود هئا، هن تقريب کي اڪثر اولهه جي اڳواڻن نظرانداز ڪيو، پر پيوٽن ۽ ڪِم، جيڪي يوڪرين جي جنگ ۽ ڪِم جي ايٽمي ارادن سبب اڪيلائي جو شڪار آهن، اهي اعزازي مهمان هئا، هن پريڊ جو مقصد چين جي فوجي طاقت ۽ سفارتي اثر رسوخ کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ هو، صدر شي جن پنگ تيانمن اسڪوائر ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ انسانيت امن يا جنگ، ڳالهه ٻولهه يا ٽڪراءُ، گڏيل فائدي يا اڪيلائي واري راند جي چونڊ آڏو بيٺي آهي، چيني عوام تاريخ جي درست رخ تي قائم آهي، ان کان پوءِ صدر شي جن پنگ کليل گاڏي ۾ ويهي فوجي دستن ۽ جديد هٿيارن جو جائزو ورتو، جن ۾ هائپر سونڪ ميزائل، پاڻي هيٺ هلندڙ ڊرون ۽ هٿيارن سان ليس روبوٽ وولف شامل هئا، 70 منٽ ڊگهي هن مظاهري دوران هيلي ڪاپٽرن وڏا بينر ڦڙڪايا ۽ ويڙهاڪ جهازن فارميشن ۾ اڏام ڪندا رهيا، آخر ۾ 80 هزار امن جا پکي آزاد ڪيا ويا، تماشائين لاءِ ٺهيل حصي ۾ شي جن پنگ، پيوٽن ۽ ڪِم جي وچ ۾ ويٺو ۽ ٻنهي سان بار بار ڳالهه ٻولهه ڪندو رهيو.

چيني صدر پريڊ ۾ آمريڪا جو  ذڪر ڪري ها: ٽرمپ

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چين ۾ فوجي پريڊ جي تعريف سان گڏوگڏ چيني صدر تي آمريڪا جو ذڪر نه ڪرڻ جو ڏوراپو ڏئي ڇڏيو آهي. وائٽ هائوس ۾ پولينڊ جي صدر ڪيرول ناروڪي سان ملاقات دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته چين جي فوجي پريڊ جي تقريب خوبصورت ۽ تمام گهڻي اثرائتي هئي۔ٽرمپ چيو ته هن چيني صدر جي تقرير به ٻڌي، صدر شي جن پنگ منهنجو دوست آهي، تقرير ۾ آمريڪا جو ذڪر هجڻ گهرجي ها ڇو ته آمريڪا چين جي تمام گهڻي مدد ڪئي هئي۔ روس بابت ٽرمپ چيو ته ايندڙ هڪ يا ٻن هفتن ۾ معلوم ٿي ويندو ته روس سان لاڳاپا ڪيترا بهتر آهن۔ روسي صدر جو نالو وٺڻ کانسواءِ ٽرمپ چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ مان انهن سان ڳالهائيندس۔ ٽرمپ چيو ته روسي صدر لاءِ ڪو خاص پيغام ناهي، روسي صدر ڄاڻي  ٿو ته منهنجو موقف ڇا آهي، صدر پيوٽن ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان فيصلو ڪندو، روس جو جيڪو به فيصلو ٿيندو، اسان يا ته خوش ٿينداسين يا ناخوش، جيڪڏهن اسان ناخوش ٿيا ته اوهان ردعمل ڏسندؤ۔  ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ٽيرف آمريڪي معيشت جي بنياد آهن، جيڪڏهن اهي ختم ڪيا ويا ته آمريڪا غريب ملڪ بڻجي سگهي ٿو. برطانوي خابرو اداري "رائٽرز” مطابق، گذريل هفتي آمريڪي اپيل ڪورٽ ڪجهه ٽيرف کي غيرقانوني قرار ڏنو هو، پر حڪومت کي 14 آڪٽوبر تائين سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرڻ جي مهلت ڏني وئي آهي. ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسين جلدي ۾ فيصلو چاهيون ٿا، جيڪڏهن غلط فيصلو ٿيو ته اهو اسان جي ملڪ لاءِ تباهي آڻي سگهي ٿو. آمريڪي خزاني جي وزير اسڪاٽ بيزنٽ پڻ اميد ظاهر ڪئي آهي ته سپريم ڪورٽ 1977ع جي ايمرجنسي اختيارن واري قانون تحت لڳايل ٽيرف کي برقرار رکندي. صدر ٽرمپ وڌيڪ چيو جيڪڏهن ٽيرف ختم ڪيا ويا ته آمريڪا غريب ملڪ بڻجي سگهي ٿو. بين الاقوامي معاملن تي ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته چين پاران روسي صدر ولاديميئر پوٽن ۽ اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ اُن جي ميزباني آمريڪا لاءِ ڪو وڏو چئلينج ناهي، ۽ کيس چين ۽ روس جي ممڪن اتحاد بابت ڪا به پريشاني ناهي. ريڊيو پروگرام ۾ ڳالهائيندي ٽرمپ روسي صدر پيوٽن تي مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو يوڪرين جي جنگ ۾ ماڻهن جون جانيون بچائڻ لاءِ قدم کڻندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.