آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ بابت وڏي خبر اچي وئي

لاهور (امداد سومرو) حڪومتي ذميوارن مطابق آرمي چيف جي واڌ يا تسلسل بابت هلندڙ اڳڪٿيون ختم ٿي ويون آهن. مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير راڻا ثناءُالله هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ تصديق ڪئي ته مري ۾ ٿيل اجلاس ۾ فيصلا ڪيا ويا آهن ۽ آئين مطابق آرمي چيف جو تسلسل يقيني بڻايو ويو آهي. راڻا ثناءُالله موجب اجلاس ۾ نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز ۽ ٻين اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي ۽ اتفاق راءِ سان طئي ڪيو ويو ته فوجي قيادت جو تسلسل آئين ۽ قانون موجب جاري رهندو. هن چيو ته آئين ۾ پنج سال ۽ وڌيڪ مدي جا آپشن موجود آهن ۽ جيڪو به طريقيڪار آهي، اهو آئين جي مطابق لاڳو ڪيو ويندو. سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڏينهن کان آرمي چيف جي مدي بابت مختلف ڳالهيون گردش ڪري رهيون هيون، پر هاڻي حڪومتي تصديق کانپوءِ صورتحال واضح ٿي وئي آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز ، خميس 04 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.