2022 جي ٻوڏ ۾ به حڪمرانن چيو ته دريائن جا لنگهه کولينداسين: جونيئر ذوالفقار

سکر (رپورٽ:شفيع محمد ابڙو ) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سکر ڊسٽرڪٽ بار کي خطاب  ڪندي چيو آهي  ته  سکر سان عشق آهي اهو عشق سنڌو درياءَ، ٻلهڻ، عوام، مهاڻن لاءِ آهي پهريان خوف هيو ته اڃ ۾ مري وينداسين هاڻي خوف آهي ته سڀ ٻڏي وينداسين هن چيو ته اسان وٽ ماحولياتي معاملن کي اهميت ناهي ڏني ويندي.ائين پيو لڳي ٿي نئين ٻوڏ آئي آهي ڄڻ اسان ڪڏهن ٻوڏ ناهي ڏٺي هن چيو ته 2022 ۾ جي ٻوڏ ۾ به حڪمرانن چيو ته دريائن جا لنگهه کولينداسين عالمي ادارن کان فنڊ ورتا ڪٿي خرچ ٿيا خبر ناهي. شايد ڪئنال ڪڍڻ تي خرچ ٿيا جنهن کي اوهان رد ڪري ڇڏيو مان پنهنجي ڀيڻ سان گڏجي نئين نوجوانن لاءِ پارٽي ٺاهيندس. مان سمجهان ٿو ته نوجوان اسان کي رستو ڏيکاريندا اسان کي پڪو يقين آهي ته پاڪستان جي ترقي قدرتي ماحول، ڌرتي ۽ درياء سان جڙيل آهي. سندس چوڻ ھو ته ترقي ان وقت ممڪن آهي پاڻي، معدنيات متعلق پنهنجي پاليسي جوڙينداسين تاريخ گواهه آهي ته هن ملڪ جي هارين، شاگردن وڏا بت ڪيراياٻٻرلوءِ باء پاس تي سويلين وڪيلن طاقت جو مظاهرو ڪيو انهن پاڻي جو ڪيس وڙهيو جنهن لاءِ سرخ سلام آهي هن چيو ته  آئين کي 1973 جي شڪل ۾ واپس آڻڻ چاهيون ٿا. ترميم بعد ترميم ائين جي اصل صورت بڳاڙي ڇڏي آهي. ڪجهه ماڻهو چون ٿا اسان کي نئون آئين گهرجي. انهن کي ٻڌايان تو ته 1947 کان 1973 تائين ڪيترا ماڻهو شهيد ٿيا، جيڪو آهي اهو واحد سوشل ڪانٽريڪٽ آهي جيڪو چئني صوبن کي جوڙي ٿو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.