ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ) ڊيرا اسماعيل خان جي تعلقي لوئر ڪرم ۾ مسافر گاڏي تي فائرنگ ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا.پوليس موجب احمد خان ڪلي ڀرسان اڻڄاتل جوابدارن مسافر گاڏي تي انڌاڌند فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا، واقعي کانپوءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي جو گهيرو ڪيو ۽ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. پوليس ٻڌايو ته مارجي ويلن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته واقعي جي حوالي سان جاچ جاري آهي.