ڪراچي(رپورٽر) وفاقي حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ نئين موٽروِي ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب، ڪراچي ۾ وزيراعليٰ سنڌ سان وفاقي وزير براءِ مواصلات عليم خان پنهنجي وفد سان ملاقات ڪئي. هن ملاقات دوران ايم- 6 موٽروِي جي تعمير ۽ ايم- 10 بابت ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ حيدرآباد-سکر موٽروِي تي جلد ڪم شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ايم-10، ڪراچي کان حيدرآباد تائين نئين موٽروِي جو منصوبو آهي، جيڪو 168 ڪلوميٽر ڊگهو هوندو. نئين ايم-10 موٽروِي ۾ 10 انٽرچينج هوندا، جڏهن ته ان موٽروِي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو. ڪراچي کان حيدرآباد تائين نئين موٽروِي جي سروي جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سنڌ مراد علي شاهه چيو ته حيدرآباد-سکر ايم-6 موٽروِي کي ڪافي عرصي کان نظرانداز ڪيو پئي ويو، هاڻي وفاقي حڪومت ان سيڪشن جي منظوري ڏني آهي، جنهن تي اسين وفاقي حڪومت جا شڪرگذار آهيون.وفاقي وزير عليم خان چيو ته ايم-6 موٽروِي (حيدرآباد-سکر سيڪشن) 363 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿي رهي آهي ۽ نئشنل هاءِ وي اٿارٽي ان جي تعمير ڪندو. هن چيو ته ايم-6 موٽروِي کي 4 حصن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ نوشهرو فيروز کان رانيپور، رانيپور کان سکر، حيدرآباد کان ٽنڊو آدم ۽ ٽنڊو آدم کان نوابشاهه شامل آهن.