ڪالهه اسان ان گمراهه ڪن مهم خلاف ايڊيٽوريل لکيو هو جنهن مهم تحت چيو ويندو آهي ته سمنڊ اندر جيڪو به درياهه يا بريساتي پاڻي ويندو آهي سو پاڻي جو ضيان هوندو آهي جنهن تي اسان تفصيلي راءِ ڏيندي لکيو هو ته سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي خود درياهه جي زندگي آهي ۽ ان سان ان جي عمر ۾ واڌارو ٿيندو آهي. هونئن ته اسان ڪالهه به ايڊيٽوريل ۾ خيبر پختونخواهه ۾ موجود پي ٽي آءِ جي حڪومت جي وڏي وزير امين گنڊاپور جي ڪالاباغ ڊيم جي حمايت واري بيان جي به مذمت ڪئي هئي ۽ کيس جواب ڏنو هو پر اڄ ان حوالي ۾ جيڪو ردعمل ظاهر ٿيو آهي تنهن کي تاريخ جي ريڪارڊ ۾ رکڻ چاهينداسين.
پهرين ڳالهه ته رپورٽن موجب ڪالاباغ ڊيم جي معاملي تي تحريڪ انصاف پاڻ ئي ورهائجي وئي آهي. يعني پي ٽي آءِ پنهنجي ئي اڳواڻ ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير امين گنڊاپور جي بيان جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ جي اڳواڻ اسد قيصر ڪالاباغ ڊيم کي مئل گهوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم جي حمايت وارو بيان امين گنڊاپور جي ذاتي راءِ آهي پي ٽي آءِ بطور جماعت ان فيصلي تي ان سان گڏ ناهي ئي ان جي حمايت ڪري ٿي. پي ٽي آءِ جي موجوده چيئرمين بيرسٽر گوهر به چيو آهي ته جيڪڏهن ڪئنال ئي اتفاق راءِ بنا نٿا جڙي سگهن ته وڏا ڊيم به اتفاق راءِ بنا نٿا ٺهي سگهن. پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ به چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم جي اسان ڪڏهن به حمايت نه ڪئي آهي. ماضيءَ ۾ عمران خان وزير اعظم ۽ چيئرمين طور ڪالاباغ ڊيم جي واضح مخالفت ڪري چُڪو آهي. هن چيو ته پارٽي صدر طور وضاحت ٿو ڪريان ته ڪالاباغ ڊيم هڪ تڪراري منصوبو آهي جنهن جي ڪڏهن به حمايت نه ڪبي.
ٻئي پاسي پ پ، جي يو آءِ، عوامي نيشنل پارٽي به ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي آهي. اي اين پي جي مرڪزي صدر سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته اسان جا ايندڙ نسل به ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ نه ڏيندا. وڏو وزير اصل ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي. جي يو آءِ (ف) جي خيبرپختونخواهه جي ترجمان عبدالجليل جان پڻ ڪالاباغ ڊيم کي مئل گهوڙو قرار ڏنو آهي. پ پ جي جنرل سيڪريٽري همايون خان به چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم وارو مئل گهوڙو ڪڏهن به جيئرو نٿو ٿي سگهي. پ پ جي نثار کهڙي به درست چيو آهي ته امين گنڊاپور ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ بيان ڏئي ڪري پنهنجي صوبي جي اسيمبلي جي توهين ڪئي آهي جنهن ڪيترائي ڀيرا قرارداد پاس ڪري ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي آهي. سينيٽر شيري رحمان چيو آحي ته موسمياتي تبديلي سان حالتون بدلي ويون آهن سو صرف ڊيم ٺاهڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا.
ڪن مبصرن به پنهنجا تجزيا ڪيا آهن ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير طرفان ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ ڏنل بيان هڪ وڏي تبديلي آهي ڇاڪاڻ ته ان صوبي مان ڪنهن به ايگزيڪيوٽو عهدي تي ويٺل ماڻهوءَ جي حمايت آهي پر ان تي سخت ردعمل ظاهر ٿي رهيو آهي. پ پ جي اڳواڻ سسئي پليجو به ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته خواجه آصف، مصدق ملڪ ۽ هاڻي پي ٽي آءِ جو وڏو وزير پنهنجي ڪرسي پڪي ڪرڻ لاءِ هڪ رد ٿيل ملڪ دشمن پراجيڪٽ جي حمايت ۾ ڳالهائي رهيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ کي امين گنڊاپور جي هوندي لڳي ٿو ته ڪنهن ٻئي دشمن جي ضرورت ئي ناهي. هن چيو ته دنيا اندر وڏن ڊيمن قدرتي آفتن سان گڏ پاڻ به وڌا نقصان پهچايا آهن ان ڪري ئي وڏن ڊيمن کي هاڃيڪار قرار ڏيندي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڊيمن کي ڊاهي ختم ڪيو پيو وڃي پر هتي ڊيم صرف ڪجهه ضلعن ۾ مخصوص زمينون آباد ڪري ان کي ئي ٽن صوبن جي قرباني سان ٺاهڻ نه پهريون منظور هو نه ئي هاڻي آهي، سنڌ جي عوام ان کي هر دور ۾ رد ڪيو آهي.
جڏهن ته پنجاب جو سياسي ۽ حڪومتي حلقو جيڪو هر دور ۾ ڪالاباغ ڊيم جو حامي رهيو آهي يا جيڪو حلقو اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو رهيو آهي تنهن هميشه ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪئي آهي اصل ۾ اسان وٽ تاريخي طور تي ملڪ جي باقي ٽن صوبن هر دور ۾ ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي آهي پر الميو اهو رهيو آهي ته هتي صرف ۽ صرف ڪالاباغ ڊيم جي حمايت واري موقف تي اتفاق راءِ حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو ويندو آهي. ان حوالي سان اسان ايترا ته ايڊيٽوريل لکيا آهن جو ڪالاباغ ڊيم تي لکيل ايڊيٽوريلن تي ٻڌل ئي الائي ڪيترا ڪتاب اچي سگهن ٿا. انهن ايڊيٽوريلز ۾ اسان اهو ئي لکندا رهيا آهيون ته ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ ملڪ اندر اتفاق راءِ قائم ٿي چڪو آهي. سواءِ صوبي پنجاب جي ملڪ جي ٽن صوبن اڪثريت جي بنياد تي ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪيو آهي. پر پنجاب ۽ پنجاب جي نمائندگي ڪندڙي وفاقي حڪومت ان اتفاق راءِ کي تسليم ناهي ڪندي ۽ ان جو زور ان ڳالهه تي هوندو آحي ته جيڪو پنجاب صوبي جي مفاد ۾ هجي تنهن کي وفاق جو مفاد تسليم ڪيو وڃي جنهن کي اسان غير جمهوري غير آئيني ۽ غير اخلاقي رويو سمجهندا رهيا آهيون.
هاڻي به وفاقي حڪومت جو وزير اعظم شهباز شريف ۽ سندس ڪابينا جا وزير اهو چوڻ لڳا آهن ته موسمياتي تبديلي جي روشني ۾ گڏيل اتفاق سان ملڪي مفاد ۾ پاليسي ٺاهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هاڻي ڪجهه سالن اندر جهجهيون برساتون پونديون، ٻوڏون اينديون تنهن ڪري پاڻي کي بچائڻو پوندو ته جيئن اهو سمنڊ ۾ وڃي ڪري ضايع نه ٿئي. انهن جو اهو خيال آهي ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهندو ته شايد پوءِ پاڻي ضايع نه ٿيندو ۽ سڀني مسئلن جو حل صرف ۽ صرف ڪالاباغ ڊيم آهي. وفاق جي سُئي صرف ان هڪ نقطي تي اٽڪيل آهي جڏهن ته جديد دور جون موسمياتي تبديلي وانگر تقاضائون بدلجي ويون آهن. هاڻي ته اها ٿيوري به رد ٿي چُڪي آهي ته ڪو ڊيمن ۾ محفوظ ٿيل پاڻي مان بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. ٻيو ته پاڻي جا ماهر وڏن ڊيمن بجاءِ ٻيا به ڪيترائي آپشن ۽ متبادل ٻڌائن ٿا جن کي وفاقي حڪومت هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏي ٿي مطلب ته ٻڌي ئي نه ٿي. هاڻي پاڻي جا ماهر چون ٿا ته وڏن ڊيمن جي ڪا ضرورت ناهي. سنڌو درياهه ۾ اها خاصيت آهي ته ان جي پيٽ ۾ يعني واريءَ هيٺان سنڌو درياهه جيڏو ئي پاڻي محفوظ آهي جنهن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ضرورت وقت استعمال ڪري سگهجي ٿو. سو اسان جو خيال آهي ته ملڪ جي وحدت کي خطري ۾ وجهڻ ۽ ٽن صوبن کي ناراض ڪرڻ يا انهن جي دل آزاري بدران پاڻي بچائڻ جي ٻين آپشنز تي ڌيان ڏنو وڃي، ڪالاباغ ڊيم جي مئل گهوڙي واري پراجيڪٽ کي جيارڻ جو ڪو فائدو ناهي.