سون هزارين رپيا مهانگو، اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون هزارين رپيا مهانگو ٿيڻ بعد اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪي ۽ عالمي سطح تي سون جي اگهه ۾ هوش اُڏائيندڙ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون ڇهه هزار رپين جي وڏي واڌ بعد 3 لک 76 هزار 700 رپين جو ٿي ويو آهي.
ڏهه گرام سون پنج هزار رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 3 لک 22 هزار 959 رپين تي پهچي ويو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 60 ڊالر چاڙهه بعد 3 هزار 540 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.