بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ٻي عالمي جنگ ۾ فتح جي 80هين سالگرهه جي موقعي تي ٿيل پريڊ ۾ جديد بين البراعظمي اسٽريٽجڪ جوهري ميزائل DF-5C کي پهريون ڀيرو عوام سامهون پيش ڪري ڇڏيو.
چيني ميڊيا موجب اهو نئون ميزائل پنهنجي غير معمولي رينج سبب سڄي دنيا ۾ ڪنهن به هنڌ کي نشانو بڻائي سگهي ٿو.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ان جي رينج 20 هزار ڪلو ميٽرن کان وڌيڪ آهي ۽ اهو دفاعي نظام کي ناڪام بڻائڻ ۽ انتهائي درستگي سان هڪ وقت ۾ ڪيترن ئي هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ماهرن موجب ان ميزائل جي هڪ وڏي خوبي ان جي نئين بيهڪ آهي، ان کي 3 حصن ۾ 3 مختلف گاڏين ذريعي منتقل ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان لانچ لاءِ ان جي تياري ۾ گهٽ وقت لڳندو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته غير معمولي رينج جو مطلب اهو آهي ته چين وٽ دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ موجود اهڙن فوجي هدفن تي جوابي ڪارروائي ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، جيڪي ان لاءِ جوهري خطرو بڻجي سگهن ٿا.
طاقت جو نئون مظاهرو، چين عالمي حدن کي چيلينج ڪندڙ ميزائل دنيا سامهون رکي ڇڏيو
You might also like