ٽه ملڪي سيريز: فخر زمان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ اهم ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو

شارجا( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي جارح مزاج بيٽر فخر زمان ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ اهم ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو.
فخر زمان اڱاري ڏينهن شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ افغانستان خلاف ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ وڏو اعزاز حاصل ڪيو. هن ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ ميچن جي سينچري مڪمل ڪري ورتي.
فخر زمان 2017 ۾ ويسٽ انڊيز خلاف پنهنجي ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ اڱاري تي افغانستان خلاف ميچ فخر جو 100هين ميچ ۾ هو 25 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
فخر زمان 100 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏندڙ ڇهون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو آهي.
ان کان اڳ بابر اعظم، محمد حفيظ، شعيب ملڪ، شاداب خان ۽ محمد رضوان به 100 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏي چڪا آهن.
ياد رهي ته ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ افغانستان پاڪستان کي 18 رنسن تان شڪست ڏني.
افغانستان پهرين کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 169 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ پاڪستان ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 151 رنسون ئي ٺاهي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.