ڪراچي )ويب ڊيسڪ) آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري ڪالا باغ ڊيم بابت ڪي پي جي وڏي وزير علي امين جي بيان کي تڪراري قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ بيان ۾ ڄام خان شورو علي امين گنڊاپور جي بيان تي ردعمل ۾ چيو ته ڪالا باغ بابت خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جي تجويز مناسب نه آهي، هي وقت تڪراري بيانن جو ناهي.
سنڌ ۾ ٻوڏ صورتحال بابت ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪچي جي ماڻهن لاءِ رليف ڪئمپون قائم ڪيون آهن، ايندڙ هڪ کان ٻن ڏينهن ۾ صورتحال واضح ٿي ويندي، جڏهن ته سنڌ ۾ ڪنهن به بند کي گهارو نه هنيو ويندو.
ٻئي پاسي، صوبائي وزير محمد بخش مهر جو چوڻ هو ته ٻوڏ صورتحال کي نظر ۾ رکندي گھوٽڪي ۽ اوٻاوڙو جي 16 علائقن مان ماڻهن کي منتقل ڪيو ويندو، متاثرن لاءِ 5 رليف ڪئمپون ۽ 3 جديد موبائل اسپتالون ڪم ڪري رهيون آهن، قادرپور شينڪ بند جي حساس هنڌن تي مرمتي ڪم جاري آهي.
ياد رهي ته علي امين گنڊاپور چيو هو ته ڪالا باغ ڊيم مان پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا کي پاڻي ملندو، سنڌ کي ڪالا باغ ڊيم تي مسئلا آهن ته ميز تي ويهي ڳالهه ڪئي وڃي.
سندس چوڻ هو ته ڪالا باغ ڊيم ملڪ جي ضرورت آهي، سياست جي ڪري هي منصوو رڪيل آهي، اهڙو ڊيم نه ٺاهڻ ملڪ ۽ نسلن سان زيادتي آهي.
You might also like