واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ پاڪستان کي هلندڙ مالي سال مختلف منصوبن لاءِ 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو قرض ڏيندو.
اقتصادي امور ڊويزن جو چوڻ آهي ته عالمي بئنڪ طرفان قرض انٽرنيشنل ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن ۽ انٽرنيشنل بئنڪ فار ري ڪنسٽرڪشن ذريعي ڏنو ويندو.
سرڪاري دستاويزن موجب، پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي فنڊنگ ذريعي 57 مختلف رٿائن تي ڪم جاري آهي، انهن منصوبن جي مجموعي لاڳت 16.6 ارب ڊالر آهي، منصوبن جو تعلق زراعت، پاڻي، توانائي، فنانس ۽ ريوينيو سان آهي.
اقتصادي امور ڊويزن جو چوڻ آهي ته عالمي بئنڪ طرفان جن رٿائن لاءِ قرض فراهم ڪيو ويندو انهن ۾ مواصلات، ٻهراڙي ۽ شهري ترقي، هيومين ڪيپيٽل، سوشل سروس ۽ گورننس جا منصوبا به شامل آهن.
دستاويزن موجب، عالمي بئنڪ گذريل 7 سالن دوران 11.84 ارب ڊالر فراهم ڪري چڪو آهي، سڀ کان وڌيڪ 1.96 ارب ڊالر توانائي شعبي لاءِ ڏنا ويا، ايندڙ سالن ۾ مختلف منصوبن لاءِ وڌيڪ فنڊز ڏنا ويندا.
سرڪاري دستاويزن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل مالي سال ۾ هڪ ارب 80 ڪروڙ ڊالر قرض ڏنو ويو جڏهن ته هلندڙ مالي سال عالمي بئنڪ طرفان 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو قرض فراهم ڪيو ويندو.
You might also like