پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت عليما خان جو وڏو بيان

لاهور)ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان چيو آهي ته عمران خان جي صحت بابت ڪوڙيون خبرون ڦهلايون پيون وڃن.
لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عليمه خان چيو ته ڪالهه عمران خان سان ملاقات طئي هئي پر ملاقات نه ڪرائي وئي، پر بئريسٽر گوهر جي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿي آهي.
هن چيو ته عمران خان جو طبي معائنو سندس پنهنجن ڊاڪٽرن جي موجودگي ۾ ٿيڻ گهرجي، ڇو ته موجودا ماڻهن جي ارادن تي اسان کي يقين ناهي، عظميٰ خان عمران خان جي صحت بابت پڇيو ڇاڪاڻ ته هوءَ پاڻ ڊاڪٽر آهي.
عليمه خان جو چوڻ هو ته عمران خان بلڪل ٺيڪ آهن، سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون خبرون ڦهلايون پيون وڃن، جيڪڏهن عمران خان کي ٿورو به ڪجهه ٿيو ته سڀ کان پهريان سندس ڪٽنب اڳيان هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.