بيجنگ (م ڊ) پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي ملاقات ٿي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن واپار سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. پاڪستان جي سرڪاري خابرو ڏينهن شهباز شريف ۽ پوتن جي ملاقات روس ۾ ٿي، جنهن ۾ پرڏيهي وزير، خزاني جو وزير، ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير سميت اعليٰ عملو پڻ موجود هو. وزيراعظم شهباز شريف روسي صدر کي چيو ته گذريل سال جولاءِ ۾ آستانه ۾ ملاقات کان پوءِ هاڻي ٻيهر ملي رهيا آهيون. ٻنهي ملڪن جي واپار ۽ معيشت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ سنجيده ۽ مخلص ڪوششون جاري آهن. روس سان زرعي، لوهي، اسٽيل، توانائي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ تعاون لاءِ ڪيترن ئي پروٽوڪولن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. روسي صدر ولاديميئر پيوٽن وزيراعظم سان ملاقات تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ايشيا ۾ اسان جو روايتي ساٿي رهيو آهي. اسان جا لاڳاپا گذريل ملاقات کان پوءِ وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. اسان کي ڏسڻو پوندو ته واپار ۾ واڌ جي راهه ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن ۽ انهن کي ڪيئن ختم ڪجي. پيوٽن نومبر ۾ روس ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ پاڪستاني وزيراعظم کي شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. شهباز شريف چيو ته روس جو دورو ڪري مون کي خوشي ٿيندي. اسان روس سان واپار سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپا وڌائڻ چاهيون ٿا. ڀارت سان روس جا لاڳاپا قابلِ احترام آهن، پر پاڪستان به روس سان بهتر لاڳاپن جو خواهشمند آهي.