لاهور/ملتان(م ڊ) پنجاب ۾ آيل شديد ٻوڏ سبب 24 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ 10 لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.. ٻوڏ ڏکڻ پنجاب ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ملتان ۾ چناب دريا مان وڏي پيماني تي پاڻيءَ جي لهر هيڊ محمد والا وٽان گذري رهي آهي. پاڻي ڪيترن ئي آبادين ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب ريسڪيو ٽيمن پاران ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جو ڪم جاري آهي. هيڊ محمد والا وٽ 4 لک 90 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي لهر پهچي چڪي آهي، جڏهن ته ملتان مان 8 لک ڪيوسڪ جي ٻوڏي لهر گذرندي. جيڪڏهن پاڻيءَ جي سطح وڌيڪ ٿي وئي ته بند ۾ کنڊ هنيو ويندو. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پنجاب، فواد هاشم رباني مظفر ڳڙهه جو هنگامي دورو ڪيو. بهاول نگر۾ ستلج درياءَ ۾ آيل وڏي ٻوڏ سبب چاويڪا بهادر بند ٽٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ جي لپيٽ ۾ اچي ويا آهن، ۽ مرڪزي شاهراهه به پاڻي هيٺ اچي وئي آهي، جنهن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. چيچا وطني ۾ به ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، ماڻهو پنهنجو مال سميت محفوظ هنڌن ڏانهن لڏي رهيا آهن. ننڪانه صاحب ۾ راوي ندي تي هيڊ بلوڪي وٽ وڏو ٻوڏ آهي .