اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ اسد قيصر ڪالا باغ ڊيم بابت علي امين گنڊاپور جو بيان ذاتي قرار ڏنو آهي، سندس چوڻ آهي ته ڪالا باغ ڊيم تي علي امين گنڊاپور جو بيان ذاتي آهي، اها پارٽي پاليسي ناهي، اسان نٿا سمجهون ته هن وقت ڪالا باغ ڊيم جي ڪا ضرورت آهي، هن وقت ٻيا به ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهي سگهجن ٿا، علي امين جي پنهنجي علائقي ۾ چشما رائيٽ بئنڪ ڪينال جو هڪ منصوبي آهي، جنهن سان هن جي علائقي جي پاڻي جي ضرورت پوري ٿي ويندي، تڪراري شين کي غير ضروري طور ڇيڙڻ سٺو ناهي.
-
عظميٰ بخاري ۽ عليم خان پاران گنڊاپور جي بيان جي حمايت
لاهور/ اسلام آباد (بيورو( پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري ڪالا باغ ڊيم بابت علي امين گنڊاپور جي حمايت ڪئي ۽ چيو آهي ته ڪالا باغ ڊيم بابت خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جي بيان سان متفق آهيان، هن وقت ٻوڏ جي تمام خطرناڪ صورتحال آهي، پر راوي درياهه ۾ پاڻي تيزي سان گهٽجي رهيو آهي، ٻي پاسي استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ وفاقي وزير عليم خان گنڊاپور جي بيان کي خوش آئند قرار ڏيندي چيو ته اسين ان جي حمايت کي ساراهيون ٿا، نون ڊيمز سان کربين رپين جي پاڻي جي ضايع کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو، ڪالا باغ ڊيم سميت سمورا نوان ڊيم سڀني صوبن جي صلاح مشوري سان ٺهڻ گهرجن، ٻوڏ ڪنهن هڪ صوبي جو نه پر سڄي ملڪ جو مسئلو بڻجي چڪو آهي.
-
ڪالا باغ ڊيم بڻجي ويو ته به ٻوڏ ته ايندي رهندي:شيري رحمان
اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ شيـري رحمان چيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن معجزي سان ڪالا باغ ڊيم ٺهي به وڃي ته به ملڪ ۾ ٻوڏ ايندي رهندي،هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته خيبر پختونخوا جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور جو صوبو هميشه ڊيم ٺاهڻ جي مخالفت ڪندو رهيو آهي، جيڪڏهن هو واقعي اڳتي وڌڻ چاهين ٿا ته ڊيم بابت ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ اچن، ڇو ته سندن صوبو ڪالا باغ ڊيم کي اڳ ئي رد ڪري چڪو آهي،هن چيو ته موسمياتي تبديليءَ سان حالتون بدلجي ويون آهن، صرف ڊيم ٺاهڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا۔ ملڪ جا ٽيئي درياهه سڀني جي سامهون آهن، جڏهن ته ڪالا باغ جي جڳهه به ڏسي سگهجي ٿي۔آبي رستن جي چوڌاري ڪيتريون ئي تجاوزات آهن، ان معاملي کي ڪميٽي ۾ کڻي وينديس۔