ادي نور خاتون ڏي لڙڪن ۾ لکيل آلو خط!

تحرير: سائل پيرزادو

پياري ادي نور! اسلام عليڪم۔ ادي! احوال ڪجهه هن ريت آهي ته الله توکي جنت الفردوس ۾ يقينن اعليٰ مقام عطا ڪندو۔ پياري ادي! سڀ کان پهريان ته معاف ڪجان خراب سفر جي ڪري تنهنجي جنازي نماز ۾ نه پهچي سگهيس، تنهنجو منهن به ڏسي نه سگهيس شايد ڏسي به نه سگهان هان، ڀلا ڪو راڳ ڀيم پلاسي جي سرگم جهڙا ٽهڪ ڏيندڙ چپن کي عطر لڳل ماٺ ۾ ڏسي به ڪيئن سگهندو۔

ادي! خبر اٿئي جڏهن تون آئي سي يو ۾ هئيئن ته ڀائو شاهن تکي ڇري سان ٻوڙي فيس بڪ تي ڪهڙو اسٽيٽس رکيو هئو:

تِيلو تِيلو ڪري وجود ٺاهي به ٿو

وري توهانجي اکين اڳيان ان کي تيلو تيلو ڪري ڊاهي به

.ٿو

مان سندس اسٽيٽس کان ڏاڍو لنوايو، مان تنهنجي وڇوڙي کي تصور به نه پيو ڪري سگهان، مان سوچيو هو پنهنجي فيملي لاءِ ٿو چوي، پر تنهنجي وصال کان پوءِ جڏهن هن ٻيهر  نئين جملي سان ساڳيو اسٽيٽس ورجايو اوڇنگارون سانوڻ جي مينهن جيان اوڙڪون ڪري وسي پيون، آئون گهر ۾ اڪيلو هئس۔

ادي نور! تون ان دور ۾ جدا ٿي آهين جنهن ۾ ماڻهو جي گذاري وڃڻ کي ايڪسپائر ٿا چون، ماڻهو ڪيئن مدي خارج ٿيندو، اسان جي صوفين ڪيڏو پيارو لفظ استعمال ڪيو آهي وصال يعني ميلاپ، هي ميلاپ ئي ته آهي بندي جو خدا سان، وڇڙي ويل پيارن سان ان ڪري منهنجي لاءِ  تنهنجو وصال ٿيو آهي مامي امن، مامي عالي، ادي گئي، پپو ۽ سڀني مائٽن سان جيڪي وڇڙي ويا هن۔

ادي نور ! ايوب کوسي جي نظم جي هڪ سٽ آهي۔ ”محبت ۾ وسارڻ جو ڪفر ڪنهن کان ڀلا ٿيندو۔“ سو اهو ٻار ان محبت ڀري ٽاڪ منجھند کي وسارڻ جو ڪفر ڀلا ڪيئن ٿو ڪري سگهي! جڏهن تو چيو هو”ماني کائيندين، وري اتي ئي، ماني کاءُ وري حڪميه انداز ۾ ويھه ماني کڻي ٿي اچان“ ۽ پوءِ ڪڏهن آيو آن کان شروع ٿي سڪرنڊ وارن جو ڳڻي ڳڻي سربستو احوال ورتو هيئي۔

ادي نور! اڄ اهو ڏينهن به ياد ٿو اچي جڏهن مان جهاز ۾ پهريون ۽ آخري ڀيرو سفر ڪيو هو(اسان لاءِ ان زماني ۾ اهو سفر به ڄڻ ڪو اعزاز هوندو هو، اهڙن اعزازن جون ڳالهيون حفيظ ڪنڀر به پنهنجي آتم ڪٿا ۾ جام ڪيون آهن۔) ۽ تڏهن مان تنهنجي پٽ دانيال کان به ننڍو هئس ان کي به مڇن جي ساول آهي، سڌو ٽڪيٽ ۽ خالي لنچ باڪس کڻي تو وٽ تنهنجي ڳوٺ واري گهر جي ورانڍي ۾ اچي توکي ڏيکاريون هئم تو ڪيڏي نه پيار مان چيو هو” واھ بلي سڄي لئي تنهنجي آهي، پوءِ تو ڪيئن نه مون کان جهاز جي سفر جا حال احوال ورتا هئا، جهاز اڏيو ته ڇا محسوس ڪيئي، چاڪليٽ ڏننين، لنچ باڪس ۾ ڇا هو، جهاز لهي پيو ته ڪيئن محسوس ڪيئي وغيره وغيره “ ۽ پوءِ  مامي عاليءَ جو ڪمري مان نڪري اهو پڇڻ ته اڙي هي ڪيڏي مهل آيو ۽ تنهنجو کيس خوشيءَ مان ٻڌائڻ ته جهاز ۾ آيو ٿئي، ۽ سندس ٽهڪ ڏئي اهو چوڻ اڙي وهوا ادي نور! اهو سڀ ڇا هيو، ڪهڙو طلسم هئو، خواب هو يا ڪا نانيءَ جي ڪهاڻي هئي، اک کلي آهي ته رڳو واري ئي واري آهي رشتا آهن ئي ڪونه!

ادي نور! تولئي دعا جا هٿ کڻڻ لاءِ  اچڻ کان اڳ واري رات تي خواب ڏٺم ته ”مان ۽ زرار ڳوٺ واري قبرستان ۾ پرويز سان مليا آهيون اڇو ڪڙتو پاتل اٿس وار سفا ڪارا اٿس زرار ۽ مون کي چوي ٿو نئون گهر ٺھرايو اٿم اچو ته ڏيکاريانو ٻاهران ڪچي لانڍي ٺهيل آهي اندر توهان جي وڏن وارين قبرن واري جاءِ تي، ٽائلس سان ڪم ٿيل آهي پر ڪمرن کي خالي وڏا بلاڪ آهن جن جو ٻنو ٽپي اندر وڃئون ٿا ته اک کلي وئي۔ سوچيم تنهنجي اچڻ جون تياريون ته ڳوٺ ٿي رهيون آهن توکي وري به ڪراچي ۾ قيد ڇوٿا ڪن۔ پر خير چوندا آهن جتان جي مٽي هوندي آهي اتي ئي پوربي آهي، شايد تنهنجي مٽي اتان جي هئي پر تنهنجو روح يقينن ڳوٺ جي آسمان تي ستارو ٿيو هوندو۔

ادي نور! خبر ٿئي جڏهن تنهنجي تدفين ٿيڻ کان پوءِ پهتس ته دل چيو ڀائو شاهن کي ڀاڪر وجهي ريهون ڪري روئان پر ساڻس مامو محمد حسن به گڏ هو شايد ڀائو به ان ڪري برداشت ڪري ويو ۽ بنا روئڻ جي تنهنجي تڏي تان موٽي آيس ته بخار ٿي پيو۔

ادي نور! مان پهريون ڀيرو ڀائو شاهن کي پنهنجي وجود ۾ وکريل ڏٺو آهي توکي ته خبر آهي ڀائو ڪيترو حساس آهي ۽ ها زهريءَ سان ته مليس ئي ڪونه، مان اڪيلي ڪونج کي تڙپندو ڪيئن ڏسان هان بس واپس هليو آيس۔

ادي! توسان آخري ملاقات به يادگار ٿي هئي ڊوڊو جي شادي جي دعوت ڏيڻ مهل، اسان سڀني کان گهڻو وقت توسان گذاريو هو تو به ماضيءَ جا ورق اٿلايا هئا، ڪاش ان وقت خبر هجي هان اها آخري ملاقات آهي ته اڃا ڪجهه دير ويهون ها، اڄاتي پار ويلن سڀني کي سلام ڏجان۔

تنهنجو ساڳيو ڀاءُ

سائل پيرزادو- سڪرنڊ

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.