پاڻي لنگهن تي اڏاوتن سبب تباهي ٿي،مڪاني ادارن کي مضبوط بڻائڻو پوندو:خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي وزير دفاع خواجا آصف ٻوڏ بابت ڳالهائيندي چيو ته هي تباهي صرف قدرتي آفت نه آهي، پر اسان جي پنهنجي اعمالن جو نتيجو آهي. اسان دريائن ۽ نالن تي هوٽل ۽ هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهي ڇڏيون آهن، نالن اندر پلاٽ وڪرو ڪيا ويا. جڏهن فطرت سان هٿ چراند ڪنداسين ته فطرت جواب ڏيندي.هر سال ٻوڏ اچي ٿي ۽ اربين ڊالر جي نقصان جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو، پوءِ دنيا ۽ گڏيل قومن کان امداد گهري وڃي ٿي، پر پنهنجا عمل درست ناهن ڪيا ويندا.دريائن جي زمينن تي هائوسنگ سوسائٽيون ٺهنديون رهيون، جهڙوڪ سيالڪوٽ ۾ دريائن جا رستا ئي آباد ڪيا ويا. آبي گذرگاهن تي تعمير سبب پاڻي آبادي ۾ داخل ٿيو، پر گذريل سالن ۾ اسان ڪيتريون ئي ڪارروايون ڪيون؟علي محمد خان صحيح چيو ته آمريت ۾ ڊيمز ٺهيا ڇو ته انهن وٽ طاقت هوندي هئي، پر جمهوري دور ۾ انهن تي اتفاق نٿو ٿيئ. اسان وڏن مسئلن تي به سياست ڪري پنهنجي “دڪانداري” هلائيندا آهيون، جيڪا بدقسمتي آهي،مهمند ۽ ڀاشا ڊيم تي ڪم جاري آهي پر انهن کي مڪمل ٿيڻ ۾ 15 سال لڳي سگهن ٿا. ان دوران ملڪ وٽ ڪجهه به نه بچندو. انهن ڊيمن جو انتظار ڪرڻ بدران درجنين ننڍا ڊيم ٺاهيون،اسان کي پنهنجا رويا به تبديل ڪرڻا پوندا،هن چيو ته بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ مڪاني چونڊن جي تاريخ ته پري قانون جي به خبر ناهي پوندي،سياسي مفاد هڪ پاسي رکي اسان کي مڪاني ادارن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي،صوبن ۾ اختيار صوبائي راڄڌانين تائين ئي محدود آهن،هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ مڪاني ادارا تباهه آهن،پنجاب ۾ ته وجود ئي نٿا رکن،بلدياتي قانون ۾ ترميم جو ڪريڊٽ ته سڀ کڻن ٿا سٺي ڳالهه آهي،اختيار ۽ طاقت جي ورڇ ڪريو،ان سان ڳوٺن ٻهراڙي ۾ عوام کي فائدو ٿيندو،پر بدقسمتي سان اسان مڪاني ادارن کي سياسي ٽول طور استعمال ڪريون ٿا، هن چيو ته منهنجي شهر کي زيڊ ڪي بي ڪمپني تباهه ڪري ڇڏيو آهي،ان جو مالڪ سينيٽ جو ميمبر آهي،اهو تمام امير ماڻهو آهي،سڀني کي خبر آهي ته اهو ڪٿي پهتو آهي،هن ملڪ جي سياسي اشرافيه جو اهو حال آهي ته عوام مان ڪهڙي اميد رکندئو؟عوام ڪنهن کي رول ماڊل بڻائيندي،اسان سياستدانن دريائن اندر هوٽل ۽ سوسائٽيون بڻائي رکيون آهن،هن چيو ته ڪنهن ڊيم يا ڪئنال جي ڳالهه ٿئي ته روڊ بلاڪ نه ڪرڻ گهرجن،سياسي دڪانداري نه ٿيڻ گهرجي،پاڻي ۽ موسمياتي تبديلي جو مسئلو قومي مسئلو آهي،ان جو ردعمل به انهي طرح ڏيڻ گهرجي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.