ڪراچي(حنيف دوامي) سنڌ وڏي ٻوڏ جي خطري کان بچي وئي آهي. پر ان جي نتيجي ۾ ڪجهه ”مال ميڙيندڙ“ سخت مايوسيءَ ۾ آهن، هڪ لاڳاپيل کاتي کي ساڍا ٽي ارب رپيا جاري ڪيا ويا هئا ته اهي پئسا بندن جي حفاظت ۽ امڪاني متاثرن جي بحالي تي خرچ ٿين، پر هاڻي جڏهن وڏو سيلابي خطرو ٽري ويو آهي، سوال اٿيو آهي ته اها وڏي رقم ڪيئن ورهائي ويندي ۽ ان کي هڙپ ڪرڻ جا طريقا ڪهڙا هوندا؟ذريعن موجب بند ٽوڙڻ جي امڪانن تي حڪومت کي پنهنجي ئي ڪجهه ميمبرن جي سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. شڪارپور جي چونڊيل نمائندن صاف چيو آهي ته سندن علائقن جا بند ڪنهن به صورت ۾ نه ٽوڙيا ويندا. ان موقف سبب حڪومت ۾ ڪجهه وزيرن ۾ بيچيني ۽ خوف وڌي ويو آهي.ٻئي طرف، بغير سبب جي ڪيترائي واهه بند ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري آبادگار سراپا احتجاج آهي، پاڻي نه ملڻ سبب فصل سڪي رهيا آهن ۽ هزارين ڍور مال مرڻ جي خطري ۾ آهي،ٻئي پاسي ٻوڏ سبب گهوٽڪي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، سکر، شڪارپور، خيرپور، لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو، نوشهروفيروز، شهيد بينظيرآباد، مٽياري، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ۾ ڪچي آباديون ۽ درياءَ جي ڪنارن تي واقع ڳوٺ متاثر ٿي سگهن ٿا.ان جي ابتڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ٿرپارڪر، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان ۽ ڪراچي ٻوڏ جي خطري کان محفوظ آهن، البت برساتي پاڻي گڏ ٿيڻ سان مسئلا ٿي سگهن ٿا.ذريعن موجب، ڪجهه” اهم ماڻهو“ مبينا طور تي بند ٽوڙڻ ۽ ڳوٺ ٻوڙڻ جو منصوبو ٺاهي رهيا هئا، جيئن عالمي ادارن کان امداد وٺي پنهنجون تجوڙيون ڀري سگهجن. پر پارٽي جي اندروني مزاحمت ۽ ميڊيا جي ڪردار سبب اهو منصوبو في الحال ناڪام نظر اچي رهيو آهي.ساڳئي وقت آبادگارن جو چوڻ آهي ته حڪومت ڄاڻي واڻي ڪئنال بند ڪري کين مجبور ڪري رهي آهي ته اهي پاڻي خريد ڪن.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز ، اڱارو 02 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو