ڪراچي (ذوالفقار راڄپر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ جو پاڻي ڪالا باغ ڏانهن موڙي نه ٿو سگهجي پنجاب ۾ موجود مٿانهان وهڪرا چناب، راوي ۽ ستلج دريائن سبب آهن جن جو پاڻي ڪالاباغ ڏانهن نٿو موڙي سگهجي. هن چيو ته ڀارت طرفان چناب درياءَ ۾ وڏي پيماني تي پاڻي ڇڏڻ بعد سنڌ کي "وڏي ٻوڏ ” جو خطرو آهي ۽ وفاقي حڪومت کي گڏيل موسمياتي تبديلي پاليسي تيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان هر سال ايندڙ قدرتي آفتن سان بهتر طريقي سان منهن ڏئي سگهي. هن اها ڳالهه ڪالهه نئين سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي، ان موقعي تي چيـف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه پڻ موجود هئا۔ مراد شاهه ٻڌايو ته اين ڊي ايم اي جي اڳڪٿي موجب 5 سيپٽمبر تائين گڊو بئراج وٽ 8 لک کان 11 لک ڪيوسڪ وهڪرو اچي سگهي ٿو، 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي کي وڏي ٻوڏ قرار ڏنو وڃي ٿو. وڏي وزير چيو ته سنڌ ان قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي۔ هن چيو اسان جي پهرين ذميواري انساني جانين، مال متاع ۽ بئراجن جي حفاظت ڪرڻ آهي۔ هن ٻڌايو ته 2010 جي ٻوڏ کانپوءِ بندن کي لڳ ڀڳ ڇهه فوٽ مٿي ڪيو ويو هو۔ هن چيو ته 2010 جي وڏي ٻوڏ ۾ گڊو بئراج وٽ 11 لک 48 هزار ڪيوسڪ پاڻي گذريو هو جڏهن ته 2014 ۾ 5 لک 90 هزار ڪيوسڪ پاڻي ٽريمو بئراج مان محفوظ طريقي سان گذري ويو۔ ھن چيو تازو 24 آگسٽ تي 5 لک 50 هزار ڪيوسڪ وهڪرو گڊو بئراج مان بغير ڪنهن خطري جي گذريو۔ اڄ اسان 9 لک 10 هزار ڪيوسڪ تائين جي وهڪري لاءِ تيار آهيون. هن ٻڌايو ته هر چوٿين ميل تي هڪ "لينڊي” قائم ڪئي وئي آهي، جتي 16 اهلڪار چوويهه ڪلاڪ نگراني ڪن ٿا ۽ ايمرجنسي ۾ فوري ڪارروائي لاءِ تربيت يافته آهن۔ حساس هنڌن تي مشينري ۽ ٻيا انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته "ڪي ڪي بند” جي خاص حفاظت ڪئي وئي آهي۔ وڏي وزير چيو ته سڀني ڪمشنرن، ڊي سيز ۽ پي ڊي ايم اي کي مڪمل تياري لاءِ هدايت ڏني وئي آهي۔ ڳوٺاڻن ۽ مالوند ماڻهن کي اڳواٽ آگاهي ڏني پئي وڃي جڏهن ته صحت کاتي کي هاءِ الرٽ تي رکيو ويو آهي۔ هن چيو مان پاڻ چيـف سيڪريٽري ۽ صوبائي وزير صورتحال تي نظر رکي رهيا آهيون،هن چيو ته اسان کي مڃڻو پوندو ته موسمي تبديلي جا اثر انتهائي خطرناڪ آهن،منهنجو سڄو ڌيان سنڌ کي ايندڙ 10 کان 15 ڏينهن محفوظ رکڻ تي آهي، پر قومي سطح تي هڪ جامع پاليسي لازمي آهي۔