اسلام آباد (م ڊ) ڀارتي فوج جي ريٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل ڪنول جيت سنگھه ڍلون جي هڪ ويڊيو سامهون آئي آهي جنهن ۾ هو پاڪستان خلاف آبي دهشتگردي جو منصوبو ٻڌائي رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي حامد مير پاران شيئر ڪيل هن ويڊيو ۾ جنرل ڍلون اعتراف ڪيو ته ڀارت پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪندي پاڪستان ۾ اوچتو وڏي پئماني تي ٻوڏ آڻي سگهي ٿو۔ هن چيو ته ”اسان وٽ جيترو پاڻي روڪڻ جي صلاحيت آهي، اها استعمال ڪنداسين ۽ اوچتو پاڻي ڇڏينداسين، جنهن سان پاڪستان تباهه ٿي سگهي ٿو.“ رپورٽ موجب اها ويڊيو پاڪستان خلاف ڀارت جي آبي جارحيت جا عزائم ظاهر ڪري ٿي۔