اسلام آباد(قربان بلوچ) اندازو هو ته پنجاب ۾ جيڪا ٻوڏ جي صورتحال آهي، اها لڳ ڀڳ ساڍا پنج کان ڇهه لک ڪيوسڪ (cusecs) تائين رهي سگهي ٿي. پر اوچتو سنڌ حڪومت ۽ اين ڊي ايم اي طرفان اهو تاثر ڏياريو ويو ته سنڌ ۾ سپر فلڊ اچي رهيو آهي، جنهن لاءِ 15 لک ماڻهن کي بي گهر ٿيڻ جي تياري ڏيکاري وئي، دريائن جا بند مضبوط ڪرڻ ۽ ڪراچي ۾ فلڊ اسٽيشن قائم ڪرڻ جا اعلان ڪيا ويا. سوال اهو آهي ته اهي تياريون زميني حقيقتن جي بنياد تي ٿي رهيون آهن يا رڳو تاثر ٺاهڻ لاءِ؟سنڌ ۾ هن هفتي جي آخر تائين ”مبينه سپر فلڊ“ جي صورتحال بڻائي ويندي،پوءِ ماضي وانگر مال ميڙيو ويندو،جڏهن ته ماهرن موجب ٽي درياهه (ستلج، راوي، چناب) گڏجي پنجند وٽ لڳ ڀڳ 5 لک ڪيوسڪ پاڻي آڻيندا.تونسا وٽ وهڪرو 2-2.25 لک ڪيوسڪ آهي. انڊس ۽ ٻين دريائن جو گڏيل وهڪرو لڳ ڀڳ 6 لک ڪيوسڪ ٿيندو.گڊو بئراج جي صلاحيت 12 لک ڪيوسڪ، جڏهن ته امڪاني آمد رڳو 5-6 لک ڪيوسڪ هوندي. جيڪڏهن 7 لک به پهچي، ته ان کي ”وڏي درجي جو ٻوڏ“ چيو ويندو، پر ”سپر فلڊ“ تڏهن ٿيندو جڏهن وهڪرو 9 لک کان مٿي وڃي.سکر بئراج جي گنجائش ساڍا 11 لک ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته امڪاني وهڪرو رڳو 5-6 لک ڪيوسڪ رهندو.ڪوٽڙي بئراج ڊائون اسٽريم تي وهڪرو لڳ ڀڳ 4 لک ڪيوسڪ رهڻ جو امڪان آهي،هاڻي سوال اهو آهي ته جڏهن موجوده وهڪرن ۾ ڪا ”سپر فلڊ“ واري صورتحال نٿي ٺهي، تڏهن سنڌ حڪومت کي ڪنهن ٻڌايو ته ”سپر فلڊ اچي رهيو آهي“؟ ۽ ڇو سڄي ڪابينا وزيراعليٰ سان گڏ سکر پهتي؟ممڪن آهي ته حقيقي سپر فلڊ نه اچي، پر تاثر اهڙو ٺاهيو وڃي جيئن ماضي ۾ ٿيندو رهيو ۽ پوءِ ”موڊ ٺهڻ“ بعد نوٽ ورهائڻ جو سلسلو شروع ٿئي،ٻئي پاسي فيڊرل فلڊ ڪميشن جهڙا ادارا اربين رپيا کڻي به ڪردار ادا نٿا ڪن. نه ڪا ايڊوائزري جاري ڪئي وئي، نه پريس ڪانفرنس ٿي، نه بندن کي مضبوط ڪرڻ بابت اڳواٽ قدمن جو اعلان ٿيو. هاڻي وري 22 ارب رپيا خرچ ٿيڻ کان پوءِ ياد آيو آهي ته بندن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي.