ستلج درياءَ اٿلڻ سبب بهاولپور ۾ 7 بند ٽٽي پيا، هزارين ايڪڙ فصل ٻڏي ويا

لاهور/بهاولپور(م ڊ) ستلج درياءَ ۾ آيل ٻوڏ جي ريلن سبب بهاولپور،  بستي يوسف، احمد واله کوھ سميت 7 بند ٽٽي پيا، جنهن سبب هزارين ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل  پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. اختيارين موجب درياءَ چناب ۾ به ٻوڏ جي صورتحال سنگين آهي، جتي جھنگ ضلعي جي ڳوٺ جنگران ۾ ٻوڏ جي ريلن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. ٻئي پاسي، لاھور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي پنجاب عرفان علي ڪاٺيا چيو ته پنجاب ۾ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جو انگ 20 لک تائين پهچي ويو آهي. جن ضلعن مان ٻوڏ جو ريلو گذري چڪو آهي، اتي مڪمل ڌيان متاثرن جي مدد تي آهي. عرفان علي جو چوڻ هو ته نئين وسڪاري سبب به وڏي تباهي آئي آهي، ۽ بارش جي ڪري شهري ٻوڏ جو به خطرو وڌي ويو آهي. ٻوڏ سان لاڳاپيل مختلف واقعن سبب فوتين جو انگ هاڻي 33 تائين پهچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.