آمريڪا نون صوبن سان ملڪ ورهائڻ چاهي ٿو: مشاهد حسين سيد

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سينيٽر مشاهد حسين سيد نون صوبن جي قيام جو مخالف آهي. تازي تبصري ۾ هن ٽي نڪتا پيش ڪري نون صوبن کي بيوقوفاڻو قدم يا خيال قرار ڏنو. مشاهد حسين سيد خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته هو اڳ به حڪمراني جي مسئلن تي ڪتاب لکي چڪو آهي ۽ تجربو رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان هر ڀيري جڏهن مستحڪم ٿيڻ لڳندو آهي ته نون صوبن جو شوشو اٿاريو ويندو آهي، جيڪو ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سازش آهي. سندس خيال ۾ هي خيال آمريڪا کان آيو هو، جيئن پاڪستان کي نسلي ۽ لساني بنيادن تي ورهائي سگهجي ۽ ڪمزور ڪري سگهجي. اولهه وارا مضبوط مسلمان ملڪ نٿا چاهين، سڀ کان مضبوط ملڪ انڊونيشيا هو، ان کي ورهايو ويو، هن ڏکڻ سوڊان ۽ اڳ ۾ ئي اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ جو حوالو ڏنو، هن چيو ته هاڻي اسان کي وڌيڪ ورهايو پيو وڃي ڇو ته اسان ايٽمي طاقت آهيون، هوش کان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي. سينيٽر جو چوڻ هو ته اصل مسئلو گورننس آهي، جنهن ۾ پوليس ۽ سول سروس جي سياسي مداخلت، ۽ ماڻهن جي بنيادي مسئلن جو حل نه ٿيڻ شامل آهن. هن مقامي حڪومتن جي نظام کي بهتر ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته صوبن کي طاقت ملڻ سان وڏن وزيرن کي علائقائي وارلارڊ بڻايو ويو آهي، پر صحت، تعليم ۽ قانون ۾ ڪا به بهتري نه آئي آهي. مشاهد حسين وڌيڪ چيو ته نون صوبن جي بحث سان لساني ورهاست وڌندي ۽ وفاق اڳ کان وڌيڪ ڪمزور ٿيندو، تنهن ڪري ملڪ کي اهڙن تجربن بدران حقيقي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ٿنڪ ٽينڪ جو ڪم آهي سوچڻ پر اهو حقيقتن تي ٻڌل هجڻ گهرجي، هوائي فائر تي يقين نٿو رکان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.