آئيني ترميم سان هر ڊويزن صوبو بڻجندو، حدبندي جي ضرورت ناهي: ميان عامر محمود

اسلام آباد (مزمل سهروردي) خانگي ٽي وي جي مالڪ، لاهور جي اڳوڻي ضلعي ناظم، ٻن يونيورسٽين جي مالڪ ۽ ٿنڪ ٽينڪ هلائيندڙ ميان عامر محمود پاڪستان ۾ 32 صوبا ٺاهڻ جو تصور پيش ڪيو آهي، جيڪو هن پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. ميان عامر محمود جو چوڻ آهي ته آئين ۾ ترميم ذريعي هر موجوده ڊويزن کي صوبي جو درجو ڏنو وڃي، نئين حدبندي ڪرڻ جي ضرورت ناهي. سندس تجويز آهي ته آئين جي شِق 239 ۾ تبديلي آڻي، ڀارت جيان قومي اسيمبلي جي سادي اڪثريت سان نوان صوبا ٺاهي سگهجن ٿا. سندس دليل آهي ته وڏين آبادي وارا ملڪ جهڙوڪ ڀارت ۽ چين صوبا وڌائي سٺي گورننس حاصل ڪئي آهي. هن جو خيال آهي ته موجوده صورتحال ۾ رڳو چار وڏا وزير وڏن خاندانن تائين محدود آهن، پر جيڪڏهن 32 وڏا وزير ٿيندا ته عام ماڻهن لاءِ به موقعا پيدا ٿيندا ۽ صوبا ترقي ۾ هڪ ٻئي سان مقابلو ڪندا. سندس تجويز ترتيبوار هن ريت آهي: پنجاب: 10 صوبا (لاهور، گوجرانوالا، فيصل آباد، سرگودھا، ساهيوال، راولپنڊي، ڊي جي خان، ملتان، بهاولپور، گجرات) سنڌ: 7 صوبا (ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، شهيد بينظيرآباد، سکر، ميرپورخاص، ڀنڀور/بدين-ٺٽي وارو علائقو) خيبرپختونخوا: 7 صوبا (ڊي آءِ خان، بنون، هزارا، ڪوهاٽ، مالاڪنڊ، مردان، پشاور) بلوچستان: 8 صوبا (نصيرآباد، سبي، زوب، قلات، مڪران، ڪوئيٽا، رخشان، لورالائي). ميان عامر محمود چيو آهي ته هر صوبي ۾ پنهنجي هاءِ ڪورٽ قائم هجي. موجوده صورتحال ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽن تي ڪيسن جو بار تمام گهڻو آهي، پر جيڪڏهن 32 صوبا ٺهندا ته وڌيڪ هاءِ ڪورٽون ٺهڻ سان ڪيسن جا فيصلا جلدي ٿي سگهندا. عامر محمود پنهنجي ڪتاب ۾ اعليٰ عهدن ۽ ججن جي حوالي سان به پلان ڏنو آهي ۽ ڪمزور مڪاني نظام جي نشاندهي به ڪئي. ميان عامر محمود جو موقف آهي ته نون صوبن سان لساني ۽ علائقائي ورهاست ختم ٿيندي، وفاق وڌيڪ مضبوط ٿيندو ۽ ترقي لاءِ مقابلي جو ماحول پيدا ٿيندو. سندس چوڻ آهي: جتي نوان صوبا ٺهيا آهن، اتي ترقي ٿي آهي، جتي صوبا نه ٺهيا آهن، اتي ترقي رڪجي وئي آهي. ميان عامر محمود کي اسٽيبلشمينٽ جو ويجهو به سمجهيو ويندو آهي. سندس چوڻ آهي ته نه مون کي ڪنهن چيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن روڪيو آهي. پر اهڙا ڪم ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي پٺڀرائي جي ضرورت هوندي آهي. نون صوبن تي بحث جاري آهي، وقت اچڻ تي خبر پوندي ته اسٽيبلشمينٽ ڪهڙي پاسي  آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز ، سومر 01 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.