اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صحافي ارشد شريف جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جسٽس انعام امين منهاس صحافي حامد مير جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ ارشد شريف جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي، عدالت چيو ته معاملو سپريم ڪورٽ جي ازخود نوٽيس ڪيس ۾ آهي، ۽ سپريم ڪورٽ ۾ زير التوا هئڻ سبب هن ڪيس ۾ ڪو حڪم جاري نٿا ڪري سگهون، درخواستگذار ڪميشن جي تشڪيل لاءِ سڌو سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪري سگهن ٿا.