سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سھولتن جي کوٽ جو سبب انتظامي نااھلي آهي

تحرير: اعزاز پيرزادو

سنڌ جا تعليمي ادارا گرمي جو موڪلن سبب اڍائي مھينا بند ھئا ان کان پھرين چار مارچ شاگرد جدوجھد جي ڏھاڙي تي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پاران ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ پوليس ۽ رياستي عملدارن لاٺي چارج ڪري شاگردن کي زخمي ڪيو گرفتار ڪيو ۽ مٿن ڪيس مڙھيا ويا جن جي گواھي سموريون اخبارون، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا به ڏيندي. ھاڻي اڍائي مھينن کان پوءِ جيئن ادارا کليا ۽ شاگردن پنھنجن تعليمي ادارن ڏانھن اچڻ شروع ڪيو آھي ته ادارن جي انتظاميا ڪي به بنيادي سھولتون فراھم ناھي ڪري سگھي تعليمي ادارن کي کلندي ٻه ھفتا گذري چڪا آھن پر نه ھاسٽلن کي پوري طرح بجلي فراھم ڪئي پئي وڃي نه پيئڻ لاءِ صاف پاڻي جو ڪو بندوبست آھي نه ئي وري صفائي آھي، تعليمي ادارن جي انتظاميا ۽ حڪومت گڏجي تعليمي ادارن کي زوال ڏانهن ڌڪي رھيا آھن ادارن جو زوال معمولي اتفاقي ڳالهه ناهي پر هڪ شعوري پاليسي ۽ منظم سازش آهي جنهن جي ذريعي سنڌ جي نوجوان نسل کي علم بدران غلاميءَ جي انڌيرن ۾ قيد رکڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ھيٺ آئون سنڌ جي اھم تعليمي ادارن جي موجودہ صورتحال بيان ڪري رھيو آھيان جنھن کي پڙھڻ بعد اوھان اڳيان شاگردن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ جي تصوير لازمي جڙندي.

سنڌ يونيورسٽي ۾ ٽرانسپورٽ جي شديد کوٽ آھي، تدريسي عمل پڻ جڏو مڏو ڪري ھلايو پيو وڃي ۽ هاسٽلن جي حالت اڳ ۾ ئي ناقابلِ برداشت آھي ايتريقدر جو صاف پاڻي، بجلي ۽ صفائي جهڙيون بنيادي سهولتون اڻلڀ آھن. مٿان هاڻي نئين انتها اها ڪئي پئي وئي جو بلاڪ هاسٽل شاگردن کان خالي ڪرائي فورسز جي حوالي ڪيا پيا وڃن. جنھن مان ڪجهه حصو اول ئي پوليس کي ڏنل آھي ۽ ڪجهه وري ھاڻي ھاسٽل جي زبون حالي جو جواز ڄاڻائي خالي ڪرائي پئي وئي، اسان کي اھو سمجهه نه ٿو اچي ته ادارن جي بجيٽ ۽ شاگردن جي فيسن ۽ سرٽيفڪيٽن عيوض جمع ٿيندڙ رقم ڪاٿي پئي خرچ ڪئي وڃي ھاسٽل جي زبون حالي جي پٺيان ڪنھن جا ھٿ آھن!؟ ڇا اول ھي ھاسٽلون طالبانن جي ھٿ وسيلي پئي ھليون ڇا!!؟ سالن جا سال ساڳيا ماڻھون ڪرسين جي ادلي بدلي ڪري رھيا آھن ۽ ادارا ڏينھون ڏينھن پٺتي پوندا پيا وڃن نه سائنسي ليبارٽريون نه جديد لائبريريون وڏي ڳالهه ته شاگردن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ڪونھي ۽ مٿان ھاسٽل پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز کي ڏنيون پيون وڃن ڇا ھاڻي علم جا مرڪز سيڪيورٽي ڪيمپ بڻبا؟ ڇا شاگردن کي علم بدران خوف ۽ محرومي ملندي؟ شاگرد احتجاج ڪن ته دھشتگردي جون ايف آءِ آر ڪندا شاگردن جو احتجاج دھشتگردي ناھي پر ان ڏاڍ خلاف ھڪ جائز ۽ فطري ردعمل آهي.

ساڳي نموني، ڪراچي اندر ايس ايم لا ڪاليج ۾ فيسن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي جڏهن ته اتي جي بنيادي حالتون اڳ ۾ ئي خراب آهن. شاگرد هڪ طرف تعليم جي حق لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن ۽ ٻي طرف کين معاشي بار هيٺان دٻايو پيو وڃي. اها حڪمت عملي صاف ظاهر ڪري ٿي ته حڪمران طبقي جي نظر ۾ تعليم ڪو حق ناهي پر هڪ ڪاروبار آهي، بغير نوٽيسن جي فيسون وڌائي غريب ھاري ۽ پورھيت جي اولاد کي تعليم کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اھو صرف انڪري جو نوجوان تعليمي ادارن ۾ اچي سوال ڪرڻ جي جرئت ماڻين ٿا.

زرعي يونيورسٽيءَ جو مثال به سامهون آهي جتي شاگردن هاسٽل پرووسٽ خلاف پورو ھفتو احتجاج ڪيا ان احتجاجن جو سبب به ساڳو ئي ھاسٽلن تي بجلي، پاڻي ۽ صاف کاڌي جي کوٽ ھيو انتظاميا نالي ماتر  پرووسٽ کي هٽايو پر وري تازو ئي ساڳي پرووسٽ کي بحال ڪيو ويو آھي بغير شاگردن جي ڪنهن مسئلي جي حل جي اڄ به ھاسٽلن جي بجلي بند ۽ ڏھ ٻارنھن ھاسٽلن تي رھندڙ شاگردن جي لاءِ مين گيٽ تي واٽر ڪولر ڏنل آھي جنھن ۾ به ڪڏھن پاڻي اچي ٿو ته ڪڏھن نه، ھاسٽلن تي صفائي جو ڪو به ماحول ڪونھي ڪينٽينن تي پڻ مھانگو ۽ غير معياري کاڌو ڏنو پيو وڃي اهو عمل شاگردن سان مذاق ۽ انتظاميا جي نااهليءَ جو واضع ثبوت آهي.

سبو يونيورسٽي نوابشاھ ۾ شاگردياڻين گرلز ھاسٽل جي پرووسٽ خلاف احتجاج ڪيو ان احتجاجن جي وجہ ھئي پرووسٽ جو شاگردياڻين سان اڍنگو رويو ۽ بنيادي سھولتن جي کوٽ ۽ انتظاميا پاران ان جو حل شاگردياڻين کي ريسٽيگٽ ڪرڻ سمجههو ويو اھو آھي ادارن جي اصول ۽ قانون پر انتظاميا جي فيصلي خلاف شاگردياڻين پنھنجن فيملين ۽ قومپرست شاگرد جماعتن سان گڏجي وسندڙ مينھن ۾ احتجاج جاري رکي پنھنجي ايڊميشن جي بحالي ڪرائي اھڙي ريت انتظاميا شاگرد جدوجھد اڳيان گوڏا کوڙيا پر شاگردن کي حق گھرڻ جي سزا جزا مقرر ڪئي وئي آھي جيڪا ايف آئي آر جي حد تائين وڃي پھچي ٿي.

شاهه لطيف يونيورسٽيءَ ۾ گذريل رات شاگردن کي سخت گرميءَ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ ساڳي وقت ٽرانسپورٽ فيسن ۾ اچانڪ واڌ ڪري ھڪڙا ٽرانسپورٽ ڪارڊ وٺڻ لاءِ پابند ڪيو ويو ۽ اھي ڪارڊ نه وٺندڙ شاگردن کي پوائنٽن مان رستن تي لاھي تذليل جو شڪار بڻايو ويو جنھن خلاف شاگردن احتجاج ڪيو پر پنج کان ست ڪلاڪ شاگرد يونيورسٽي جي مين گيٽ تي ڌرڻو ھڻي ويٺا رهيا پر اداري جي انتظاميا مان ڪو به نمائندو انهن سان ڳالهائڻ لاءِ به تيار نه ٿيو. ڇا هي انتظاميا جي ذميواري ناهي ته شاگردن جي جائز مسئلن جو حل ڳولهي؟ جيڪڏهن تعليمي ادارن جي انتظاميا شاگردن جي تڪليفن تي بي پرواهه رهندي ته پوءِ اهي عهدا ۽ ڪرسيون ڪهڙي ڪم لاءِ آهن؟ آفيسن ۾ ويھي ٺلھا حوال ڪرڻ ۽ شاگردياڻين کي جنسي حراسان ڪرڻ لاءِ!!؟ مان سمجههان ٿو ته جنھن اداري جي شاگرد يعني اداري جي اسٽيڪ ھولڊر کي اداري اندر بنيادي سھولتن جي لاءِ احتجاج ڪرڻا پون ته ان اداري جي انتظاميا کي ٻڏي مرڻ گھرجي. اھڙي انتظاميا جي ڪري ئي ادارن جو حال خسته ۽ بيڪار آھي جنھن کي سمجهڻ لاءِ ھي هڪ سادي ڀيٽ ڪافي آهي .

پاڪستان جي سراسري لٽريسي ريٽ لڳ ڀڳ 62 سيڪڙو آهي جڏهن ته سنڌ اڃا به پوئتي آهي پرائمري اسڪولن ۾ وڏيرن جون اوطاقون ۽ واڙا جڏھن ته ڪاليجن ۾ ڪلاس ھلڻ جو سسٽم ڪيترن ئي ڏھاڪن کان نه جي برابر آھي اھڙي حالت ۾ ھتي نواڻ ايندي ھوڏانھن بنگلاديش جيڪو ڪالھ ھتان جدا ٿيو ان ترقي جي نئين راھ جوڙي ۽ اڄ 75 سيڪڙو شرحِ خواندگي حاصل ڪري چڪو آهي. ۽ شاگردن کي مستقبل جو معمار تسليم ڪري انھن کي ہورا حق ۽ موقعا مھيا ڪيا پيا وڃن اها صورتحال ثابت ڪري ٿي ته سنڌ ۾ تعليم جو زوال محض وسيلن جي کوٽ ناهي پر حڪمرانن جي نااهلي ادارن جي ڪرپشن ۽ ھڪ گھري سازش تحت جديد تعليم کان محروم رکڻ آھي. ھتان جي تعليمي ادارن ۾ پڙھايو ويندڙ سيليبس فرسودہ ۽ ناڪارہ آھي شاگرد ٻڌائين ٿا ته سيليبس ۾ ڪا نواڻ ته ناھي پر گذريل پندرنھن سالن کان ادارن جا پيپر ساڳا ئي ھر سال ڪڍيا پيا وڃن جن مان ڪيترائي پروفيسر گذريل تاريخون مٽائڻ جي زحمت به ڪونه ڪندا آھن اھو اسان جو تعليمي نظام بچيو آھي ۽ اھڙي نظام کي ھلائيندڙ احتجاج ڪندڙ شاگرد کي دھشتگرد ثابت ڪرڻ لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪري رھيا آھن.

ھتان جي حڪومت کي اھو سجھڻ گھرجي ته تعليمي ادارا مقدس ٿيندا آھن انھن کي ھلائيندڙ انتظاميا جو اھل ۽ ايماندار ھجڻ ضروري آھي ٻي صورت ۾ شاگرد پنھنجن حقن جي حاصلات خاطر ھر جدوجھد جو رستو اختيار ڪرڻ جو حق رکن ٿا توھين علم جو در بند ڪرڻ گھرو ٿا پر شاگرد جدوجھد جو در کوليندا ۽ پنھنجن ادارن جي مالڪي لاءِ اڳي کان اڳرا ثابت ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.