آمريڪا طرفان دنيا جي ملڪن تي ڳرا درآمدي ٽيڪس (ٽريف) لاڳو ڪرڻ جي فيصلي هر ان ملڪ کي گهڻو متاثر ڪيو آهي، جنهن کي آمريڪا سان واپار مان وڌيڪ فائدو حاصل ٿيندو هو. ان جا سڀ وڏا واپاري ڀائيوار شديد غير يقيني صورتحال جو شڪار ٿي ويا آهن ۽ پنهنجين برآمدات کي بچائڻ لاءِ نون منڊين ۽ متبادل ذريعن جي تلاش ۾ لڳا پيا آهن. سخت عالمي سياسي تڪرار جي اهڙي پسمنظر ۾ شنگھائي تعاون تنظيم (SCO) جو پنجويهون سربراهي اجلاس غيرمعمولي اهميت اختيار ڪري ويو آهي. تنظيم جو باني ملڪ چين هن اهم اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي. موجوده عالمي ڇڪتاڻ جي ماحول ۾ چين جي صدر شي جن پنگ هن اجلاس جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪري ڇڏيو آهي. تنظيم جا باضابطه رڪن ملڪ ڏهه آهن، جڏهن ته صدر شي ڪل ٽيهه ملڪن ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت هڪ درجن عالمي ادارن جي سربراهن کي به دعوت ڏني آهي. اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ ملڪن جي نمائندگي دنيا جي پنجاهه سيڪڙو آبادي ڪري ٿي، انهن وٽ دنيا جي چوٿين حصي تي پکڙيل علائقو ۽ عالمي جي ڊي پي ۾ پنجويهه سيڪڙو حصو آهي.
شنگھائي تعاون تنظيم جي هن اجلاس تي آمريڪا جي پريشانيءَ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اجلاس کان صرف ڇهه ڏينهن اڳ صدر ٽرمپ اعلان ڪيو ته جيڪڏهن چين آمريڪا کي ناياب ڌاتن (Rare Earth Magnets) جي برآمد بند ڪئي ته ان تي ٻه سئو سيڪڙو ٽريف لڳايو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته بوئنگ ڪمپني ۽ چين جي وچ ۾ پنج سئو جهازن جي فراهمي بابت ڳالهه هلي رهي آهي، پر جيڪڏهن اهي ناياب ڌاتون نه مليون ته هي سودو مشڪلاتن ۾ ڦاسي ويندو. ٽرمپ چين کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن انهن ڌاتن جي فراهمي بند ڪئي وئي ته آمريڪا به چين کي جهازن جا پرزا ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندو، جنهن سان چين ۾ موجود ٻه سئو جهاز اڏامڻ جي قابل نه رهندا. اها ڌمڪي تڏهن ڏني وئي آهي، جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نون ٽريفن جو لاڳو ٿيڻ وچ نومبر تائين ملتوي ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين ته چين آمريڪا کي اهي ڌاتون ڏئي رهيو آهي ۽ ان ۾ ست ڀيرا واڌارو به ٿيو آهي.چين تي فوري ٽريف لاڳو نه ڪرڻ جو بنيادي سبب اهو آهي ته دنيا جي نونويهه سيڪڙو ناياب ڌاتن تي چين جي اجاره داري آهي. آمريڪا کي انهن ڌاتن جي سخت ضرورت آهي، ڇو ته انهن کان سواءِ اليڪٽرانڪس، برقي گاڏيون، قابل تجديد توانائي، جنگي جهاز، ريڊار، ميزائل، موبائل فونز ۽ اعليٰ ٽيڪنالاجيءَ جون ٻيون شيون تيار نه ٿيون ڪري سگهجن. جيڪڏهن آمريڪا فوري ٽريف لاڳو ڪري ها ته انهن ڌاتن جي درآمد روڪي ٿي سگهي پئي. تنهن هوندي به هاڻي آمريڪا کي اهو خدشو آهي ته شنگھائي اجلاس جي ڪاميابيءَ کانپوءِ چين ڪنهن وقت به انهن ڌاتن جي برآمد روڪي سگهي ٿو، تنهن ڪري آمريڪا طرفان ٻه سئو سيڪڙو ٽريف جي ڌمڪي ڏني وئي آهي.
گذريل هڪ مهيني دوران ڪجهه اهم تبديلين سبب هي اجلاس عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي. روس کان خام تيل خريدڻ تي آمريڪا ڀارت تي پچويهه سيڪڙو اضافي ٽريف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کي ڀارت رد ڪري ڇڏيو. ستاويهه آگسٽ کان هي ٽريف لاڳو ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا کي هاڻي ڀارت کي برآمدات تي پنجاهه سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. چين ۽ روس آمريڪا جي هن قدم جي سخت مخالفت ڪئي ۽ ان کانپوءِ هنن ٽن وڏن ملڪن جي لاڳاپن ۾ نيون تبديليون اچڻ شروع ٿي ويون. روس ڀارت کي تيل تي وڌيڪ پنج سيڪڙو رعايت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ اها به پيشڪش ڪئي ته جيڪو مال ڀارت آمريڪا نه موڪلي سگهي، اهو روس خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهي.سڀ کان اهم تبديلي چين ۽ ڀارت جي لاڳاپن ۾ آئي آهي. 2020ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوني سرحدي جهيڙي کانپوءِ ڪو به سوچڻ لاءِ تيار نه هو ته صرف ٽريف ۾ پنجاهه سيڪڙو اضافي جو اعلان ٻنهي حريف ملڪن کي ايترو ويجهو آڻي ڇڏيندو. ٻنهي ملڪن جي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن جون ملاقاتون سڄي سياسي منظرنامي کي بدلائي ڇڏيو آهي. صدر شي وزيراعظم مودي کي شنگھائي اجلاس ۾ دعوت ڏني، جيڪا مودي قبول ڪري ورتي. ٻنهي ملڪن سرحدي تڪرارن جي حل لاءِ ٻه ورڪنگ گروپ ٺاهيا آهن، سرحدي واپار ۽ سڌين پروازن جي بحالي تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. ويزا پاليسين ۾ نرمي ڪري ماڻهن جي اچ وڃ کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڀارت کي برقي گاڏين ۽ اليڪٽرانڪ صنعت لاءِ ناياب ڌاتن جي ضرورت آهي، جيڪا چين ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. ساڳئي وقت چين ڀارت کي سرنگ بورنگ مشين، ڀاڻ ۽ دوائن جو خام مال ڏيڻ جي به آڇ ڪئي آهي.
تازن مهينن ۾ چين ڏانهن ڀارتي برآمدات ۾ ويهه سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جن ۾ گهڻو ڪري اهي شيون آهن جيڪي اڳ آمريڪا ڏانهن موڪليون وينديون هيون. آمريڪا جون پنج اڳيون حڪومتون، جن ۾ ٽرمپ جي حڪومت به شامل هئي، پنجويهه سال جي محنت کانپوءِ ڀارت کي چين خلاف پنهنجو اسٽريٽجڪ ساٿي بڻايو هو، جنهن کي صرف هڪ ٽريف واري فيصلي ناڪام بڻائي ڇڏيو. چين بنا ڪنهن وڏي ڪوشش جي سياسي فتح ماڻي ورتي آهي. اڄ چين ۽ ڀارت گڏ بيٺل آهن. چين کي خبر آهي ته ڪو به ملڪ اڪيلي سر ٽريف جي دٻاءُ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، تنهن ڪري هو شنگھائي تعاون تنظيم کي وڌيڪ وسيع ۽ مؤثر بڻائڻ چاهي ٿو.
ترقي پذير ملڪن ڊگهي عرصي تائين خاص نوعيت جي سياسي، معاشي، واپاري ۽ بين الاقوامي پاليسين تي عمل ڪيو آهي. پهرين اهي سرد جنگ واري ٻه قطبي (Bipolar) دنيا ۾ مغربي يا سوويت بلاڪ سان جڙيل رهيا. سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ انهن کي هڪ قطبي (Unipolar) عالمي نظام ۾ آمريڪا جي تابع رهڻو پيو. هاڻي ان نظام جي جاءِ تي گڏيل تعاون ۽ ڀائيواريءَ تي ٻڌل هڪ گهڻ قطبي (Multipolar) عالمي نظام جنم وٺي رهيو آهي. انهيءَ ڪري اڪثر ترقي پذير ملڪن لاءِ، جن ۾ اسان به شامل آهيون، پراڻي نفسيات مان نڪري هن نئين نظام سان هم آهنگ ٿيڻ ڏکيو پيو لڳي. بهرحال، شنگھائي تعاون تنظيم جهڙيون تنظيمون هن مشڪل مان نڪرڻ جو رستو ڏيکاري رهيون آهن. انهن ۾ مثبت ۽ فعال ڪردار ادا ڪري ترقي پذير ملڪ نون ابھرتن عالمي حالتن جو حصو بڻجي سگهن ٿا. هي هڪ سونهري موقعو آهي، جنهن کي وڃائڻ نه گهرجي.